جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس اطهر من الله استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ جي سينيئر ترين ججز جسٽس منصور علي شاھ ۽ جسٽس اطھر من اللھ استعيفائون ڏئي ڇڏيون آھن

سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاھ 13 صفحن تي ٻڌل استعيفيٰ ۾ چيو آھي تہ 27 ھين آئيني ترميم پاڪستان تي ھڪ سنگين حملو آھي، 27 ھين آئيني ترميم سپريم ڪورٽ آپ پاڪستان کي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو.

ھن چيو تہ 27 ھين آئيني ترميم ۾ عدليہ کي حڪومت ماتحت بڻايو ويو آھي،آئيني ۽ جمھوريت جي روح تي ڪاري ضرب لڳائي وئي آھي.

جسٽس منصور شاھ چيو تہ ملڪ جي اعليٰ ترين عدالت کي ورھائي عدليہ جي آزادي کي پائمال ڪري ملڪ کي پوئتي ڌڪيو ويو

سپريم ڪورٽ جي ٻئي جج جسٽس اطھر من اللھ بہ استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آھي، ياد رھي تہ 27 ھين آئيني ترميم جي منظوري کانپوءِ آئيني عدالت جو قيام عمل ۾ آندو ويندو ۽ ذريعن موجب جسٽس امين الدين خان آئيني عدالت جو چيف جسٽس ھوندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں