اسلام آباد ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ پنھنجي ئي ھڪ ساٿي جج جسٽس طارق محمود جھانگيري کي عدالتي ڪم کان روڪي ڇڏيو، فيصلي تي اسلام آباد بار سخت رد عمل ڏيندي سپريم جڊيشل ڪائونسل کان پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس سرفراز ڊوگر جي سربراھي ۾ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ اھڙو حڪم جسٽس طارق محمود جھانگيري جي قانون جي ڊگري مبينا طور جعلي ھئڻ واري درخواست تي ٻڌڻي ڪندي جاري ڪيو.
عدالت پنھنجي فيصلي ۾ لکيو تہ مبينا جعلي ڊگري جو مامرو سپريم جڊيشل ڪائونسل ۾ آھي، ان سلسلي ۾ ريفرنس بھ داخل ڪيو ويو آھي، جيستائين سپريم جڊيشل ڪائونسل ان ريفرنس جو فيصلو نٿي ڪري،ان وقت تائين جسٽس طارق محمود جھانگيري ڪنھن بہ ڪيس جي ٻڌڻي نٿو ڪري سگھي.
عدالت جي اھڙي حڪم کانپوءِ اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ججز جو روسٽر جاري ڪيو ويو، ان روسٽر مطابق جسٽس طارق محمود جھانگيري جو نالو سمري بينچ مان ڪڍيو ويو آھي.
عدالتي معاون ۽ درخواست
اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ ان مامري ۾ 2 عدالتي معاون بہ مقرر ڪيا آھن، جن ۾ اڳوڻو اٽارني جنرل اشتر اوصاف ۽ بئريسٽر ظفر اللہ شامل آھن، ھن ڪيس ۾ عدالت اٽارني جنرل کي بہ نوٽيس جاري ڪيو ويو.
درخواستگذار ميان دائود ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج سجاد علي شاھ جي مقرري بابت سپريم ڪورٽ جي 10 رڪني بينچ جي فيصلي کي بنياد بڻائيندي موقف اختيار ڪيو ھو تہ سپريم ڪورٽ يا ھاءِ ڪورٽ جي جج خلاف سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪارروائي ڪري سگھي ٿي پر آئين جي آرٽيڪل 199 تحت درخواست داخل ڪرڻ کان روڪي نٿو سگھجي.
عدليہ جي تاريخ جو ڪارو ڏينھن
اسلام آباد بار ڪائونسل ھنگامي پريس ڪانفرنس ڪندي عدالتي فيصلي کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏنو ۽ ان کي عدليہ جي تاريخ جو ڪارو ڏينھن قرار ڏنو.
بار ڪائونسل جي ميمبر ايدووڪيٽ عليم عباس پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو تہ ائين ڪڏھن ناھي ٿيو تہ ھڪ جج کي سندس ئي ساٿي جج ڪم کان روڪين، آئين ۽ قانون موجب جج جو ڪنڊڪٽ رڳو سپريم جڊيشل ڪائونسل ئي ڏسي سگھي ٿي، ھي غلط روايت آندي پئي وڃي تہ ھڪ جج ٻي جج خلاف فيصلا جاري ڪري.
عليم عباسي چيو تہ اسان عدالت کي چيو تہ کين ٻڌو وڃي، پر بعد ۾ گھر پھچڻ بعد خبر پئي تہ حڪم جاري ڪيو ويو آھي، اڄ ھي سلسلو شروع ٿيو آھي، سڀاڻي ھر جج ٻي کي ڪم کان روڪيندو.
سپريم جڊيشل ڪائونسل نوٽيس وٺي
ھنن مطالبو ڪيو تہ سپريم ڪورٽ ان مامري تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ۽ جسٽس جھانگيري کي ڪم کان روڪڻ وارو حڪمنامو معطل ڪري.ھن چيو تہ سپريم ڪورٽ جا 2 فيصلا موجود آھن، آئين جي آرٽيڪل 209 تحت ئي ڪنھن جج کي ھٽائي سگھجي ٿو، ان کانسواءِ نٿو ھٽائي سگھجي.
بار ڪائونسل فيصلي جي مذمت ڪندي اسلام آباد جي ضلعي عدالتن ۽ ھاءِ ڪورٽ ۾ مڪمل ھڙتال جو اعلان ڪيو، جنرل باڊي اجلاس بعد وڪيل ريلي بہ ڪڍندا.
عليم عباسي چيو تہ جيڪڏھن اڄ پشاور ھاءِ ڪورٽ چوي تہ جسٽس ڊوگر ڪم نٿو ڪري سگھي تہ ڇا اھو طريقو ھوندو، اھڙي قسم جا فيصلا قبول نہ ڪيا ويندا.
اسلام آباد ڪار ڪونسل واضح ڪيو تہ سپريم جڊيشل ڪائونسل جو جيڪو بہ فيصلو ھوندو، اھو تسليم ڪيو ويندو پر ھڪ جج کي ٻي جج کان ڪم کان روڪڻ جو قدم غير آئيني ۽ عدليہ جي تاريخ تي داغ آھي.
جسٽس جھانگيري تي ڪھڙا الزام آھن؟
واضح رھي تہ جسٽس طارق محمود جھانگيري اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ان 6 ججز ۾ شامل ھئا، جن سينارٽي لسٽ جي مامري تي جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ ٻن ججز کي بلوچستان ۽ سنڌ ھاءِ ڪورٽ آڻڻ جي مخالفت ڪندي سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي.
سپريم ڪورٽ جي آئيني بينچ ان درخواست کي اڪثريت راءِ سان رد ڪيو ھو پر ان فيصلي خلاف انھن ئي ججز نظرثاني درخواست بہ داخل ڪرائي آھي.
جسٽس طارق محمود جھانگيري جي ڊگري خلاف درخواست ۾الزام لڳايو ويو آھي تہ ھن ڪراچي جي ھڪ ڪاليج کان قانون جي جعلي ڊگري حاصل ڪئي آھي، جسٽس طارق محمود جھانگيري اسلام آباد جو ايڊووڪيٽ جنرل بہ رھي چڪو آھي.