اسلام آباد: صدر آصف علي زرداري جسٽس امين الدين خان کي آئيني عدالت جي چيف جسٽس مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آھي، جسٽس امين الدين خان وفاقي آئيني عدالت جو پھريون چيف جسٽس ھوندو.
صدر آصف علي زرداري جسٽس امين الدين خان جي مقرري منظوري وزيراعظم جي ايڊوائس تي ڏني .
ياد رھي تہ ان کان اڳ جسٽس امين الدين خان آئيني بينچ جو سربراھ ھو ۽ 30 نومبر تي رٽائرڊ ٿي رھيو ھو.
ياد رھي تہ 27 ھين آئيني ترميم جو بل ٻنھي ايوانن مان منظور ٿي چڪو آھي ۽ صدر جي صحيح بعد بل آئين جو حصو بڻجي ويو آھي.