اسلام آباد ( ڊبليو ٽي اين رپورٽ ) سپريم ڪورٽ، اڳوڻي ڊپٽي رجسٽرار نظر عباس جي انٽرا ڪورٽ اپيل تي تفصيلي فيصلو جاري ڪندي ڪميٽي ميمبرن خلاف توھين عدالت جي ڪارروائي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏي.
جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراھي ۾ 6 رڪني بينچ فيصلو تفصيلي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو آھي، بينچ ۾ جسٽس محمد علي مظھر، جسٽس اطھر من اللھ، جسٽس سيد حسن اظھر رضوي، جسٽس شاھد وحيد ۽ جسٽس مسرت ھلالي شامل آھن.
فيصلي ۾ چيو ويو آھي تہ ريگيولر بينچ جا 21 ۽ 27 جنوري جا حڪم موثر نہ آھن، آرٽيڪل 204 تحت جج ھڪٻئي خلاف توھين عدالت جي ڪارروائي نٿي ڪري سگھن.
ججز وچ ۾ توھين عدالت جي ڪارروائي انصاف جي نظام کي نقصان پھچائيندو
سپريم ڪورٽ جو چوڻ آھي تہ ججز کي آئيني تحفظ حاصل آھي، رڳو سپريم جڊيشل ڪائونسل ڪارروائي ڪري سگھي ٿي، ججز وچ ۾ توھين عدالت جي ڪارروائي انصاف جي نظام کي نقصان پھچائيندو.
فيصلي ۾ چيو ويو آھي تہ ريگولر بينچ کي ائيني ترميم کانپوءِ ڪيس ٻڌڻ جو اختيار نہ ھو، پارليامينٽ جي 26 ھين آئيني ترميم کانپوءِ اھڙا ڪيس رڳو آئيني بينچ ٻڌي سگھي ٿي، پر ريگيولر بينچ آئين جي شقن جي ابتڙ ڪارروائي جاري رکي.
ايڊيشنل رجسٽرار کي ھٽائڻ جو فيصلو
واضح رھي تہ ھلندڙ سال جي 21 جنوري تي سپريم ڪورٽ ايڊيشنل رجسٽرار کي عھدي تان ھٽائڻ جو پڌرنامو جاري ڪيو ھو، پڌرنامي موجب ايڊيشنل رجسٽرار نظر عباس سنگين غلطي جو مرتڪب ٿيو ھو.
پڌرائي ۾ ڄاڻايو ويو ھو تہ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل آئيني بينچ جو ڪيس غلطي سان ريگيولر آڏو ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيو، جنھن جو نتيجو اھو نڪتو تہ سپريم ڪورٽ ۽ ڌرين جو وقت وسيلا ضايع ٿيا.
وفاقي حڪومت جي انٽر اڪورٽ اپيل
وفاقي حڪومت ايڊيشنل رجسٽرار سپريم ڪورٽ خلاف توھين عدالت ڪيس جي فيصلي تي انٽرا ڪورٽ اپيل داخل ڪئي ھئي، جنھن ۾ جسٽس منصور علي شاھ ۽ جسٽس عقيل عباسي تي ٻڌل 2 رڪني بينچ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي ھئي.
وفاق سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪرايل اپيل ۾ موقف اختيار ڪيو ھو تہ 2 رڪني بينچ جو 27 جنوري جو فيصلو اختيار اورانگھڻ آھي، مرڪزي ڪيس ۾ بہ بينچ اختيارن واري دائري تي اعتراض واريو ھو.
27 جنوري تي سپريم ڪورٽ جي جسٽس منصور علي شاھ ۽ جسٽس عقيل عباسي تي مشتمل بينچ ايڊيشنل رجسٽرار نذر خلاف توھين عدالت جو نوٽيس ورتو ھو ۽ جڊيشل ڪميٽيز جي اختيار تي فل ڪورٽ بينچ ڏيڻ لاءِ فائل چيف جسٽس کي اماڻي وئي ھئي.
فيصلي ۾ چيو ويو ھو تہ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل ڄاڻي واڻي عدالتي حڪمن جي ڀڃڪڙي نہ ڪئي، اھڙو ثبوت ناھي مليو، جنھن مان ظاھر ٿي تہ ايڊيشنل رجسٽرار جڊيشل جو ڪيس سان ڪو ذاتي مفاد ھجي، بدنيتي تي ٻڌل ڪو ثبوت ناھي، توھين عدالت جو شوڪاز نوٽيس واپس ورتو وڃي ٿو.