ججز ٽرانسفر ڪيس: آئيني عدالت 5 ججن جي اپيل رد ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : وفاقي آئيني عدالت ججز ٽرانسفر ڪيس ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جي انٽرا ڪورٽ اپيل رد ڪندي سپريم ڪورٽ جو فيصلو برقرار رکيو آهي.

وفاقي آئيني عدالت ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جي درخواست تي انٽرا ڪورٽ اپيل کي سپريم ڪورٽ ڏانهن واپس موڪلڻ واري معاملي تي ٻڌڻي ٿي.

چيف جسٽس امين الدين خان جي سربراهي ۾ 6 رڪني لارجر بئنچ ججز ٽرانسفر ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز طرفان عدالت ۾ پيش نه ٿيڻ تي عدالت هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز جي درخواست رد ڪري ڇڏي.

ياد رھي تہ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني بئنچ ججز جي تبديلي کي اڪثريتي راءِ سان درست قرار ڏنو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں