ججز بہ نااهل آهن ۽ عدالتون بہ مري چڪيون آهن: جسٽس محسن اختر ڪياني

فہرستِ مضامین

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني انساني حقن لاءِ سرگرم وڪيل ايمان مزاري ۽ سندن مڙس هادي علي چٺا جي گرفتاري خلاف وڪيلن جي هڙتال تي سخت رمارڪس ڏنا آھن.

جسٽس محسن اختر ڪياني موجب عدالت کي ٻڌايو ويو آهي تہ هڙتال سبب وڪيل پيش نہ ٿيا، پر هڙتال جو سبب ڇا آهي؟

بئرسٽر خوش بخت جواب ڏنو تہ هڙتال ايمان مزاري ۽ هادي علي چٺا جي گرفتاري خلاف ڪئي وئي آهي۔

جسٽس محسن  اختر ڪياني ردعمل ڏيندي چيو تہ اهي ماڻهو جيڪي پاڻ گرفتار ڪرائيندا آھن، پاڻ جيل موڪليند اآھن، پوءِ هڙتال بہ ڪن ٿا.

جسٽس محسن وڌيڪ چيو تہ اسان جي بار ڪيتري شاندار آهي، ميڊل ڏيڻ گهرجي، ججز نااهل آهن ۽ عدالتون مردہ ٿي ويون آهن، پر بار ٻنهي وڪيلن کي پاڻ جيل موڪلي آئي آهي.

جج رمارڪس ۾ چيو تہ بنا قانون جي جج انتهائي شاندار فيصلو ڏئي ڇڏيو آهي۔

واضح رھي تہ عدالت ايمان علي مزاري ۽ سندس مڙس کي 17-17 سال قيد جي سزا ٻڌائي ھئي…….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں