لائیو تيل اگھن ۾ واڌ سان پاڪستان ۾ مھانگائي جي شرح 12 سيڪڙو تائين وڌي سگھي ٿي: رپورٽ

فہرستِ مضامین

ايران، آمريڪا، اسرائيل جنگ، سامونڊي گذرگاھ آبناءِ ھرمز جي بندش ۽ اسرائيلي حملن جي جواب ۾ ايران جَي قطر، ڪويت ۽ بحرين جي تيل توڙي گيس وسيلن کي نشانو بڻائڻ کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمت 110 کان 120 ڊالر في بيرل تائين پهچي وئي آهي۔

معاشي ماھرن خدشو ظاھر ڪيو آھي تہ تيل جي قيمتن ۾ واڌ سبب پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح گهٽ ۾ گهٽ 6 سيڪڙو ۽ وڌ ۾ وڌ 12 سيڪڙو کان وڌي سگهي ٿي۔

پاڪستان جي اقتصادي ٿنڪ ٽينڪ “پاڪستان انسٽيٽيوٽ آف ڊولپمينٽ اڪنامڪس” پنهنجي تازي رپورٽ ۾ چيو آهي ته آبناءِ هرمز جي بندش سبب پاڪستان ۾ تيل جي قيمتن ۾ واڌ سان گڏ مهانگائي ۽ ٻاهرين مالي چئلينجن ۾ پڻ اضافو ٿيو آهي۔

پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف به چيو آهي ته تيل جي فراهمي ۾ دير جي اثرن کان بچڻ لاءِ ملڪ کي وڌيڪ بچت لاءِ قدم کڻڻا پوندا۔

جنرل عاصم منير جي موجودگي ۾ اجلاس

چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل عاصم منير جي موجودگي ۾ ٿيل اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف عوام کي اپيل ڪئي ته پيٽرول ۽ ڊيزل کي بچت سان استعمال ڪيو وڃي ته جيئن ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽروليم شين جي کوٽ کان بچي سگهجي۔

تجزيه رپورٽ موجب آبناءِ هرمز مان روزانو 20 ملين بيرل خام تيل گذرندو هو پر ان جي بندش عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ هلچل پيدا ڪري ڇڏي آهي ۽ جيوپوليٽيڪل حالتن ۽ لاجسٽڪ مسئلن سبب قيمتون وڌي ويون آهن۔

پاڪستان جي 22 سيڪڙو درآمدات خام تيل ۽ پيٽروليم شين تي ٻڌل آهن ۽ هن وقت نه رڳو عالمي سطح تي خام تيل جون قيمتون وڌيون آهن پر ٽرانسپورٽ خرچ، ڪرنسي جي قدر ۾ تبديلي ۽ ٽيڪسن جي شرح ۾ تبديلي سبب عوام کي مهانگو پيٽرول خريد ڪرڻو پئجي رهيو آهي۔

رپورٽ موجب صرف خام تيل جون قيمتون ئي مقامي سطح تي تيل جي قيمتن جو تعين ناهن ڪنديون، پر بحران دوران ٽرانسپورٽ، فريٽ ۽ شپنگ خرچ به وڌي ويندا آهن۔

پاڪستان کي ٽن ممڪن حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته موجوده حالتن ۾ پاڪستان کي ٽن ممڪن حالتن کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، هلڪو اثر، وچولو دٻاءُ ۽ شديد جهٽڪو۔

اسٽڊي موجب مختصر مدي ۾ جيڪڏهن هلڪو جهٽڪو لڳي ته ايندڙ ڇهن مهينن ۾ مهانگائي 8 سيڪڙو کان مٿي ٿي سگهي ٿي، وچولي دٻاءُ جي صورت ۾ 10.4 سيڪڙو کان وڌي سگهي ٿي، جڏهن ته شديد بحران ۾ مهانگائي 12 سيڪڙو کان به وڌي سگهي ٿي۔

رپورٽ موجب عالمي توانائي قيمتن ۾ واڌ جا اثر پاڪستان لاءِ وڌيڪ گهرا ۽ پيچيده آهن ۽ آبنائي هرمز جي بندش صرف ٻاهرين واقعو نه پر پاڪستاني معيشت لاءِ وڏو جهٽڪو ثابت ٿي سگهي ٿو۔

تيل جون قيمتون، مهانگائي ۽ ٻاهرين مالي استحڪام هڪ ٻئي سان ڳنڍيل آهن۔

تجزيه رپورٽ موجب جيڪڏهن ايران طرفان آبناءِ هرمز بند رهي ٿي ته پاڪستان جو مالي خسارو وڌي سگهي ٿو، ڇاڪاڻ ته ملڪ کي صرف هڪ مهيني ۾ خام تيل ۽ پيٽروليم شين جي خريداري لاءِ اضافي 38 ڪروڙ ڊالر ادا ڪرڻا پوندا، جنهن سان موجوده سرپلس اڪائونٽ خساري ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو۔

پرڏيھي خسارو 4 ارب 60 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي سگهي ٿو

جيڪڏهن جنگ جاري رهي ته هڪ سال ۾ پاڪستان جو پرڏيھي خسارو 4 ارب 60 ڪروڙ ڊالر تائين پهچي سگهي ٿو جنهن سان رپئي جي قدر گهٽجي سگهي ٿي ۽ مهانگائي ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو۔

رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت وڌڻ سان ٽرانسپورٽ خرچ وڌي ويندا آهن، جنهن جو اثر روزمره جي استعمال واري شين ۽ خوراڪ جي قيمتن تي پوندو آهي۔

رپورٽ ۾ حڪومت کي صلاح ڏني وئي آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن جو تعين شفاف بڻايو وڃي، ۽ خاص ڪري ڊيزل جي فراهمي ۽ ذخيرن جي نگراني کي ترجيحي بنيادن تي يقيني بڻايو وڃي۔

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں