توشا خانہ ٽو ڪيس ۾ عمران خان ۽ بشريٰ جي سزا ڪڏھن کان شروع ٿيندي؟ عطاءُ تارڙ جو بيان سامهون اچي ويو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد: اطلاعات واري  وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ توشا خانا ٽو ڪيس جي عدالتي فيصلي کي انصاف تي ٻڌل فيصلو قرار ڏنو آھي.

خانگي چينل سان ڳالهيون ڪندي وفاقي وزير چيو تہ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ڪروڙين روپين جي تحفن جي قيمت گهٽ لڳرائي، تحفن جي قيمت گهٽ لڳرائي سرڪار کي گهٽ رقم ڏني وئي، رياست کي ڪروڙين روپين جو نقصان پهچائي تحفا پنهنجي ذات لاءِ رکيا ويا.

عطاءُ الله تارڙ چيو تہ پي ٽي آءِ باني عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جا توشہ خانہ ٽو ڪيس جي اڄوڪي سزا 190 ملين پائونڊ ڪيس جي سزا ختم ٿيڻ کانپوءِ شروع ٿيندي 15 سالن جي سزا ختم ٿيندي تہ انهي کان پوءِ 17 سالن جي سزا شروع ٿيندي.

وفاقي وزير ۽   ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال چيو تہ توشا خانا ٽو ڪيس اوپن اينڊ شٽ ڪيس آهي، پاڪستان جي ايندڙ دورن ۾ اها مثال قائم ٿي وئي آهي تہ جن وٽ حڪمراني هجي  اهو احتياط ڪري.

مصطفيٰ ڪمال چيو تہ اهي سموريون شيون بحيثيت قوم اسان جي لاءِ شرمندگي جو سبب آهن، جهڙي طرح بشريٰ بي بي جون آڊيو ۽ وڊيو آيون اهو تمام گهڻو واضح ڪيس هو اهو ڪم اڳوڻي وزيراعظم جي گهر ۾ ٿيو. جيڪڏھن انهي کي خبر نہ هئي تڏھن بہ اهو ڏوھاري آهي.

هن چيو تہ اسان جو الميو اهو آهي تہ اسان ڪردار کي نٿا ڏسون صرف تنقيد کي اوليت ڏيندا آهيون. انهي فيصلي کانپوءِ ايندڙ ڏينهن ۾ مثبت نتيجا سامهون ايندا…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں