لائیو تهران ڌماڪن سان گونجي اُٿيو: الجليل ۾ 58 اسرائيلي زخمي

فہرستِ مضامین

ايران جي اسرائيل ۽ آمريڪا سان جاري جنگ 14هين ڏينهن ۾ داخل ٿيڻ سان ئي ايراني گاديءَ واري شهر تهران ڌماڪن سان گونجي اُٿيو.

 ايراني نيوز ايجنسي “تسنيم” موجب اڄ جمعي ڏينهن تهران جي ڪيترن علائقن ۾ گذريل ڪلاڪن دوران شديد ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا۔ ايجنسي ٻڌايو ته سڀ کان طاقتور ڌماڪا ڏکڻ تهران ۾ ٿيا۔ جڏهن ته “فارس” نيوز ايجنسي موجب ڌماڪا ايترا تہ شديد ھئا جو گھر ڌڏندا رھيا.

ٻئي پاسي اسرائيل اعلان ڪيو ته ايران تي ميزائلن جو نئون حملو ڪيو آهي۔ اسرائيلي فوج ٽيليگرام تي بيان جاري ڪندي چيو ته “هن ايران کان اسرائيل ڏانهن فائر ڪيل ميزائلن کي انٽرسيپ ڪيو آھي، دفاعي نظام خطري کي روڪڻ لاءِ ڪم ڪيو آهي، جڏھن تہ ايران دعويٰ ڪئي آھي تہ ميزائل حملن سبب اسرائيل ۾ وڏي تباھي ٿي آھي.

حذب اللہ جي اعلان بعد اسرائيل ۾ ٿرٿلو

 ان دوران اسرائيلي ايمبولينس سروس اتر اسرائيل جي علائقي الجليل جي هڪ ڳوٺ ۾ ميزائل ڪرڻ سبب 58 ماڻهن جي معمولي زخمي ٿيڻ جي خبر ڏني ، جڏھن تہ حزب الله هن کان اڳ اعلان ڪيو هو ته هن اسرائيل ڏانهن ميزائيلن جي نئين لھر موڪلي آھي.

 ياد رهي ته جنگ ٽئين هفتي ۾ داخل ٿيڻ سان ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا جي اڳواڻن پنهنجي تازي بيانن ۾ وچ اوڀر ۾ جنگ جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو آهي۔

 هن جنگ لکين ماڻهن جي زندگين کي متاثر ڪيو آهي ۽ مالي منڊين کي به غير مستحڪم ڪري ڇڏيو آهي۔

ايراني سپريم ليڊر جو عزم

گذريل ڏينهن سرڪاري ٽي وي تي پڙهيل پنهنجي پهرين بيان ۾ ايران جي نئين سپريم ليڊر مجتبیٰ خامنہ اي جنگ جاري رکڻ ۽ آبنائي هرمز بند رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو۔

ٻئي طرف اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو زور ڏنو ته سندس ملڪ “ايراني حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ لاءِ بهترين حالتون پيدا ڪري رهيو آهي”، پر هن اشارو ڏنو ته هو يقين سان نٿو چئي سگهي ته ايراني عوام حڪومت جو تختو اونڌو ڪندا، ڇو ته حڪومت اندر کان ئي اونڌي ٿيندي آهي، جڏهن ته هن واضح ڪيو ته اسرائيل مدد فراهم ڪري رهيو آهي۔

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ زور ڀريو ته سندس ملڪ ايران کي لڳ ڀڳ تباهه ڪري ڇڏيو آهي ۽ باقي رهيل حدفن کي جلد ختم ڪيو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں