ترڪ ڊرامي “ڪورولس عثمان” جي مرڪزي ڪردار براڪ اوز چيويت پاران سيريز ڇڏڻ جو اعلان

فہرستِ مضامین

ترڪيه جي مشھور ترين ۽ تاريخي ڊرامي “ڪورولس عثمان” ۾ عثمان غازي جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار براڪ اوز چيويت سيريز ڇڏڻ جو اعلان ڪيو آھي.

ميڊيا رپوٽس موجب براڪ ۽ ڊرامي جي پروڊيوسر مھمت بوزداغ وچ ۾ سيزن جي معاوضي تي شديد اختلاف پيدا ٿي پيا ھئا.

ذريعن موجب براڪ اوز چيوته ستين سيزن لاءِ في قسط 40 لک ترڪ ليرا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو، جنھن کي پروڊيوسر پاران قبول نه ڪيو ويو ھو.

اداڪار ۽ پروڊيوسر ۾ ڳالھيون ناڪام ٿيڻ بعد براڪ سيزن کان ڌار ٿيڻ جو فيصلو ڪيو.

براڪ اوز چيويت 2019 کان ھن وقت تائين ڪورولس عثمان ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري رھيو ھو، سندس اداڪاري کي نھ رڳو ترڪيھ پر سڄي دنيا ۾ زبردست موٽ ملي رھي ھئي

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں