ترڪيہ جي توانائي واري وزير جي فيلڊ مارشل عاصم منير سان ملاقات

فہرستِ مضامین

راولپنڊي: ترڪيہ جي توانائي واري وزير البارسلان بائرڪ تار، فيلڊ مارشل آرمي چيف عاصم منير سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن ۽ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي

آءِ ايس پي آر موجب ترڪيہ جي توانائي واري وزير البارسلان بائرڪ تار، جي ايڇ ڪيو پهچي فيلڊ مارشل آرمي چيف عاصم منير سان ملاقات ڪئي.

آءِ ايس پي آر موجب ٻہ طرفي لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ۽ اسٽريٽجڪ ڀائيواري وڌائڻ تي ڳالهيون پڻ ڪيون ويون.

آءِ ايس پي آر موجب ٻنهي ملڪن خطي جي استحڪام لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ورجايو ۽ توانائي جي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق پڻ ڪيو.

فيلڊ مارشل آرمي چيف عاصم منير پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ لاڳاپن کي تاريخي ۽ مضبوط رابطن تي ٻڌل قرار ڏنو ۽ پاڪستان لاءِ ترقي جي مستقل حمايت تي ٿورا مڃيا.

ترڪہ جي توانائي واري وزير توانائي جي شعبي ۾ سهڪار وڌيڪ وڌائڻ جي خواهش ظاهر ڪئي. آءِ ايس پي آر موجب البارسلان بائرڪ تار پاڪستان جي خطي ۾ امن استحڪام جي ڪوششن جي واکاڻ پڻ ڪئي.

پاڪ فوج جي ترجمان موجب ملاقات ۾ جٽادار ترقي جي ميدان ۾ سهڪار وڌائڻ تي بہ اتفاق ڪيو ويو……….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں