ترڪمانستان: وزيراعظم عالمي ڌيان جو مرڪز بڻيل، پيوٽن سان ملاقات جي ويڊيو وائرل

فہرستِ مضامین

ترڪمانستان ۾ ٿيندڙ عالمي ڪانفرنس ۾ وزيراعظم شهباز شريف عالمي ڌيان جو مرڪز بڻجي ويو آھي ۽ ان جي روسي صدر وِلاديمير پيوٽن سان غيرمعمولي ملاقات جي وڊيو وائرل ٿي وئي آھي.

وزيراعظم شهباز شريف ترڪمانستان جي شهر اشڪ آباد ۾ عالمي اڳواڻن سان غير رسمي ملاقاتون ڪيون۔

وزيراعظم شريف اشڪ آباد ۾ عالمي ڪانفرنس جي سائيڊ لائينز تي روسي صدر وِلاديمير پيوٽن سان اهم ملاقات ڪئي، ٻنهي اڳواڻن انتهائي گرمجوشي سان ڳالھ ٻولھ ڪئي ۽ ڪجهہ دير تائين هڪ ٻئي جو هٿ مضبوط نموني پڪڙي بيٺا رھيا.

وزيراعظم شهباز شريف ۽ روسي صدر اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي خيال ونڊيا۔

ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردوان، ترڪمانستان جي صدر سردار بردي محمدوف ۽ ٻين اڳواڻن سان پڻ ملاقاتون ڪيون۔…

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں