اسلام آباد : تحريڪِ انصاف جي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ نامزد اپوزيشن ليڊرن ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهہ محمود خان اچڪزئي ۽ وائيس چيئرمين علامہ ناصر عباس ملڪ گير تحريڪ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
پريس ڪانفرنس ڪندي سينيٽ ۾ نامزد اپوزيشن ليڊر علامہ ناصر عباس چيو ته 1971ع ۾ پاڪستان ٽٽي پيو هو ۽ هاڻي ٻيهر ملڪ تاريخ جي هڪ نازڪ موڙ تي بيٺل آهي، جمهوري ادارا مفلوج ڪيا ويا آھي، قوم 27ھين آئيني ترميم خلاف نڪري.
محمود خان اچڪزئي چيو تہ آئين، رياست ان جي عوام وچ ۾ هڪ معاهدو هوندو آهي، پر پاڪستان ۾ آئين سان لڳاتار ھٿ چراند ڪئي پئي وڃي، مون کان آئين جي تحفظ جو پنج ڀيرا حلف ورتو ويو آهي، پر هاڻي آئين تي حملو پارليامينٽ مان ٿي رھيو آهي.
هن چيو تہ عوام کي نہ ڪو مڃي رھيو آهي ۽ نہ ئي ان کي تسليم ڪيو پيو وڃي، تنهنڪري اسان عوام ڏانهن وڃي رھيا آهيون.
محمود خان اچڪزئي چيو تہ ملڪ ۾ آئين جي بنيادن کي لوڏيو پيو وڃي، سندن وٽ عوام ڏانھن وڃڻ کانسواءِ ٻيو ڪو بہ رستو ناھي، اسان جي ملڪ گير تحريڪ اڄ رات کان شروع ٿي ويندي۔