تاريخي آجيان تي سعودي عرب جو ٿورائتو آھيان، ولي عھد دل کٽي ورتي آھي: وزيراعظم

فہرستِ مضامین

رياض ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) وزيراعظم سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري برطانيہ  پھچي ويو آھي، شھباز شريف سعودي عرب ۾ تاريخي آجيان تي سعودي ولي عھد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان جا ٿورا مڃيندي دعا ڪئي تہ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دوستي اڃا وڌيڪ ترقي ڪري.

وزيراعظم آفيس موجب، شھباز شريف سعودي عرب جو دورو مڪمل ڪري رياض کان لنڊن روانو ٿيو، رياض جي نائب گورنر محمد بن عبدالرحمان ايئرپورٽ تي وزيراعظم کي الوداع ڪيو.

وزيراعظم جي سعودي ياترا دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اھم اسٽريٽجڪ دفاعي معاھدو طئي ٿيو، معاھدي تحت ڪنھن بہ ھڪ ملڪ خلاف اڳرائي ٻئي ملڪ خلاف اڳرائي تصور ڪئي ويندي.پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل اسٽريٽجڪ معاھدي ۾ فيلڊ مارشل آرمي چيف جنرل عاصم منير جو اھم ڪردار رھيو.

سعودي ولي عھد دل کٽي ورتي آھي: وزيراعظم

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ” ايڪس” تي پنھنجي پيغام ۾ وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ رياض جي سرڪاري دوري تي سعودي ولي عھد شھزاد محمد بن سلمان جي شاندار آجيان سندس دلي کٽي ورتي آھي.

وزيراعظم لکيو تہ شاھي فضائيہ جي ويڙھاڪ جھازن پاران سندس جھاز کي غير معمولي گھيري ۾ وٺي سعودي ھٿياربند فوج جي باقار سلامتي تائين شاندار آجيان ان ڳالھ جو ثبوت آھي تہ پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ محبت ۽ گڏيل احترام جو رشتو ڪيترو مضبوط آھي.

سعودي ولي عھد سان ملاقات جو حوالو ڏيندي وزيراعظم جو چوڻ ھو تہ شھزادو محمد بن سلمان سان خطي جي چيلينجز تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، ٻھ طرفن لاڳاپن کي وڌائڻ جو عزم بہ ورجايو ويو.

ھن چيو تہ مان دل سان ولي عھد جي ان بصيرت ۽ قيادت جي واکاڻ ڪيان ٿو، جيڪا ھن سملم دنيا کي فراھم ڪئي آھي، ٻہ طرفن لاڳاپن جي حوالي سان مان سعودي ولي عھد جي مستقبل حمايت، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ سيڙپڪاري، واپار ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي مضبطو بڻائڻ ۾ دلچسپي کي قدر جي نگاھ سان ڏسي ٿو.

وزيراعظم چيو تہ سندس دعا آھي تہ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي دوستي ڏينھن رات ترقي ڪري ۽ نئين بلندين تي پھچي.

وزيراعظم جي سعودي عرب ۾ تاريخي آجيان

واضح رھي تہ سعودي عرب جي ولي عھد شھزادہ محمد بن سلمان جي دعوت تي رياض پھچڻ بعد وزيراعظم شھباز شريف جو سعودي عرب ۾ ايف ففٽين ويڙھاڪ جھازن سان شاندار آڌرڀاءُ ڪيو ويو ھو.

ڪنگ خالد ايئرپورٽ رياض پھچڻ تي اتان جي نائب گورنر محمد بن عبدالرحمان بن عبدالعزيز، پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيد المالڪي، سعودي عرب ۾ پاڪستان جي سفير احمد فاروق ۽ اعليٰ سفارتي عملي وزيراعظم جي شاندار آجيان ڪئي.

وزيراعظم جي رياض آمد جي موقعي تي ايئرپورٽ کان شاھي محل تائين ويندڙ رستن تي پاڪستان جا جھنڊا لڳايا ويا ھئا، ان موقعي تي وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي ۽ سعودي عرب جي ھٿياربند فوج جي چست جٿي سلامي پيش ڪئي.

وزيراعظم شھباز شريف محمد بن سلمان سان ملاقات لاءِ سعودي عرب جي شاھي ديوان قصر يمامہ پھتو، جتي سعودي شاھي پروٽوڪول سان گھوڙ سوارن آجيان ڪئي، وزيراعظم کي سعودي عرب جي ھٿياربند فوج جي جٿن گارڊ آف آنر بہ پيش ڪيو.

وزيراعظم ۽ سعودي عرب جي ولي عھد ۾ ملاقات

وزيراعظم ۽ سعودي عرب جي ولي عھد وچ ۾ ملاقات ٿي ھئي، ان موقعي تي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، دفاع وارو وزير خواجہ آصف، ناڻي وارو وزير محمد اورنگزيب، موسمياتي تبديلي وارو وزير مصدق ملڪ ۽ خاص معاون طارق فاطمي بہ موجود ھئا.

اسٽريٽجڪ معاھدو

وزيراعظم جي سعودي ياترا دوران پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ اھم اسٽريٽجڪ دفاعي معاھدو طئي ٿيو ھو، معاھدي تحت ڪنھن بہ ھڪ ملڪ خلاف اڳرائي ٻئي ملڪ خلاف اڳرائي تصور ڪئي ويندي.پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ ٿيل اسٽريٽجڪ معاھدي ۾ فيلڊ مارشل آرمي چيف جنرل عاصم منير جو اھم ڪردار رھيو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں