ڪراچي: سينيئر وزير شرجيل ميمڻ چيو آھي تہ تاج حيدر پل کي اڄ کان عوام لاءِ کوليو ويو آهي، پل جي افتتاح سان ڪورنگي جهڙن صنعتي علائقن ۽ ان سان گڏوگڏ ڀرپاسي وارن علائقن جي ماڻهن کي سهولت ملندي، ان کي شروعاتي ڏهه ڏينهن لاءِ هڪ طرفي پل طور هلايو ويندو ۽ بعد ۾ ٻه طرفي ٽرانسپورٽ شروع ڪئي ويندي
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو تہ پراڻي ڄام صادق پل کي ڊاهي جديد معيار جي هڪ نئين پل ٺاھي ويندي، عالمي بينڪ جي سھڪار سان سنڌحڪومت پاران ييلو لائن بي آر ٽي منصوبي تي ڪم تيزي سان جاري آهي، جڏهن ييلو لائن بي آر ٽي بسون هلنديون ته شهرين کي بهتر سفري سهولتون فراهم ڪيون وينديون ۽ انهن کي فائدو ملندو.
سنڌ حڪومت ڪراچي کي هر اها سهولت فراهم ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي جيڪا هڪ ترقي يافته شهر کي هجڻ گهرجي، سنڌ حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته بي آر ٽي لائينن تي ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، شڪارپور، خيرپور ۽ نوشهرو فيروز ۾ پيپلز بس سروس شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، گلشن معمار کان ڪراچي ۾ ٽاور تائين اي وي بسن جو هڪ نئون روٽ شروع ڪيو پيو وڃي، جيڪو روزانو پنجاهه هزار ماڻهن کي سفر جون سهولتون فراهم ڪندو
هن چيو ته ڪراچي ۾ روڊن جي تعمير ۽ مرمت جو ڪم جاري آهي ۽ برساتن کان متاثر ٿيندڙ روڊن کي به بحال ڪيو پيو وڃي، سنڌ حڪومت پنهنجا سمورا واعدا پورا ڪري رهي آهي ۽ شهرين کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ مسلسل ڪم جاري آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته ڪراچي شهر جي ٽرانسپورٽ ۾ وڌيڪ نيون بسون شامل ڪيون پيون وڃن، عورتن کي اسڪوٽيون مفت ڏنيون پيون وڃن ۽ انهن کي هلائڻ جي تربيت پڻ ڏني پئي وڃي.
هن چيو ته ڪراچي سنڌ حڪومت جي پھرين اوليت آهي ڇو ته پوري ملڪ مان ماڻهو روزگار ۽ علاج لاءِ هن شهر جو رخ ڪندا آهن. پيپلز پارٽي جي قيادت ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايتن تي، سمورا کاتا سرگرم آهن ۽ جاري منصوبن کي وڌيڪ وڌايو پيو وڃي، اسان جي پھرين ترجيح ڪراچي جي شهرين جي مسئلن کي حل ڪرڻ آهي.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ملازم عورتن ۽ شاگردن کي مفت گلابي اسڪوٽيون، گڏوگڏ مفت تربيت ۽ لائسنس فراهم ڪري رهي آهي، ڪو به ٻيو صوبو عوام کي اهڙي سهولت فراهم نه ڪري رهيو آهي.
هن چيو ته ٽريفڪ پوليس اي-چالان سسٽم شروع ڪيو آهي، شهرين لاءِ پيغام اهو آهي ته شهري مثبت رويو اختيار ڪن، ٽريفڪ ضابطن جي پاسداري ڪن ۽ نظم و ضبط جو مظاهرو ڪن ته جيئن هر ڪنهن کي شهر جي ترقياتي قدمن جو ثمر ملي سگهي
ھن چيو تہ سڀئي شهري اسان لاءِ عزت جي لائق آهن، جيڪڏهن ڪو قانون جي ڀڃڪڙي ڪري ٿو ته ان جو چالان جاري ڪيو ويندو، ٽريفڪ ضابطن جي ڀڃڪڙي سبب حادثا ٿين ٿا، قيمتي انساني جانيون ضايع ٿين ٿيون، ڪوئي گهر جو اڪيلو ڪمائيندڙ آهي، ڪنهن هڪ جي جان نه ويندي ته ان جا پونئر هوندا آهن، اسان جو مقصد انساني جانين جي حفاظت ڪرڻ آهي.
شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اسان انهن منصوبن کي اڳتي وڌائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، سنڌ حڪومت وٽ پنج سئو وڌيڪ بسن جو به منصوبو آهي، اسان پنهنجي شهرين کي بهترين ممڪن سفري سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان کي خوشي ٿيندي جيڪڏهن اسان کي ٽريفڪ چالان جي صورت ۾ هڪ رپيو به نه ملي، ماڻهن کي ضابطن تي عمل ڪرڻ گهرجي، پر جيڪڏهن ڪو ڏوهه ڪري ٿو ته چالان ٿيندو، جن وٽ مينڊيٽ ناهي اهي تنقيد ڪري رهيا آهن شرجيل ميمڻ چيو تہ ڪراچي ۾ بس جا وڌيڪ روٽس شروع ڪيا ويندا، شاھراھ ڀٽو جو فيز ٽو ڊسمبر جي آخر ۾ مڪمل ٿي ويندو، اهو ايم-9 موٽر وي سان ڳنڍجي ويندو ته ڪراچي شهر ۾ ٽريفڪ جو دٻاءُ گهٽجي ويندو