افغانستان جي طالبان حڪومت بگرام ايئربيس کي ٻيھرحاصل ڪرڻ جي آمريڪي ڌمڪين کي رد ڪندي چيو آھي تہ آمريڪا کي جيڪڏھن سندن اڏا واپس گھرجن تہ ان لاءِ 20 سال وڌيڪ وڙھڻ لاءِ تيار آھيون، پرڏيھي فوج جي موجودگي بحال ڪرڻ جي ڪنھن بہ ڪوشش جي صورت ۾ سخت مزاحمت کي منھن ڏيڻو پوندو.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ بگرام ايئربيس واپس نہ ڪرڻ جي صورت ۾ افغانستان جي طالبان حڪومت کي ڳرا نتيجا ڀوڳڻ جي ڌمڪي ڏني ھئي، جنھن جي جواب ۾ افغانستان جي دفاع واري وزير جو رد عمل سامھون اچي ويو آھي.
چيني خابرو اداري شنوا جي رپورٽ موجب، افغانستان جي دفاع وارَي وزير محمد يعقوب مجاھد چيو تہ ھن اسٽريٽجڪ ايئربيس کي ٻيھر حاصل ڪرڻ بابت اسان جو جواب آھي تہ جيڪڏھن آمريڪا اڏا واپس وٺڻ چاھي ٿو تہ اسان انھن خلاف ايندڙ 20 سال بہ وڙھڻ لاءِ تيار آھيون.
افغان حڪومت موجب افغانستان ڪڏھن بہ پنھنجي سرزمين تي غير ملڪي فوج کي قبول نہ ڪندو، واشنگٽن سان ڪنھن بہ مڪالمي ۾ ٻيھر فوجي قبضي وارو مامرو ھاڻي ختم ٿيڻ گھرجي.
پرڏيھي خابرو ادارن رائيٽرس ۽ ايف پي موجب افغانستان جي دفاع واري وزارت بہ بگرام ايئربيس واپس ڪرڻ وارين خبرن جي ترديد ڪندي چيو تہ افغانستان جي سرزمين جو ھڪ انچ ڪنھن جي بہ حوالي ٿيڻ بابت معاھدو ممڪن نہ آھي، ھاڻي اسان کي ان جي ضرورت بہ نہ آھي.
واضح رھي تہ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ھو تہ چين افغانستان ۾ ايٽمي ھٿيار ٺاھي رھيو آھي، ان ڪري کين افغانستان مان بگرام ايئربيس واپس گھرجي، ٻي صورت ۾ اتان جي حڪومت ڳرا نتيجا ڀوڳڻ لاءِ تيار رھي