شاعر چوري جي ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي، ان کان اڳ به طالب شاعري چوري ٿيڻ جا الزام لڳايا هئا، طالب چيو هو ته” شاعر لاءِ سندس شاعري ئي سرمايو ھوندي آھي، ڪنھن جي تخليق چوري ڪرڻ خراب عمل آھي“.
رپورٽ: عباس جنگواڻي/ٽنڊو رحيم خان
ڪاڇي جي مشھور شاعر طالب قمبراڻي موجب سندس گھر مان چوري جو واقعو پيش آيو آهي، چور شاعري جا ڪتاب، مڃتا ايوارڊ ۽ آڊيو ڪيسٽون ۽ ٻيو سامان چورائي ويا آهن.
شاعر طالب قمبراڻي ٽنڊي رحيم خان ويجھو ”ڇني شهر“ ۾ رهي ٿو، جتي سندس خوابن جو ننڍڙو گهر آهي، ڊبليو ٽي اين سان ڳالهائيندي هن ٻڌايو ته گھر مان چوري ٿي وئي آھي، آئوناکين جي نور کان محروم آهيان، چور گھر مان روڪ رقم، آڊيو ڪيسٽون، شاعري جا ڪتاب، مڃتا ايوارڊ ۽ ٻيو سامان چوري ڪري ويا آهن.
طالب قمبراڻي گھر مان چوري خلاف احتجاج ڪندي چيو ته گذريل رات واقعو پيش آيو، واقعي جي ٽنڊو رحيم خان ٿاڻي تي اين سي به داخل ڪرائي آھي، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي چوري ٿيل سامان واپس ڪرايو وڃي.
طالب قمبراڻي ڪير آھي؟
طالب قمبراڻي جا گيت سنڌ جي ناليوارن فنڪارن ڳائي مڃتا ماڻي آھي، طالب ٽيليويزن، ريڊيو، اسٽيج سميت ڪيترن ادبي علمي پروگرامن، مشاعرن ۾ پنھنجي شاعري ٻڌائي مڃتا ماڻيندو رهيو آهي، طالب قمبراڻي شھباز ايوارڊ سميت ڪيترائي اعزاز پڻ حاصل ڪيا آھن، ڪاڇو لوڪ ادب ورثو پاران شاعر طلب قمبراڻي سان ھر ممڪن سھڪار جي خاطري ڪرائي وئي آھي.
شاعر طالب قمبراڻي ٽنڊو رحيم خان پريس ڪلب پھچي دانھيو ته چور سندس شاعري جا ڪتاب، ايوارڊ ۽ آڊيو ڪيسٽون بھ کڻي ويا آھن، طالب ٻڌايو ته جوابدار سندس ڊوميسائيل ۽ ٻيا ڪاغذ به چورائي ويا آھن، سندس چوڻ ھو ته جوابدار سندس ايوارڊ به کڻي ويا آھن، کيس اعزاز چوري ٿيڻ تي ڏک پھتو آھي، اھي اعزاز سندس محنتن تي مڃتا طور مليا ھئا.
طالب جي شاعري به چوري ٿي هئي
طالب قمبراڻي 11نومبر 2019ع تي ڇني ۾ صحافين کي ٻڌايو هو ته سندس بلوچي ۾ لکيل ھڪ ڪلام چوري ڪيو ويو آھي، ھن ٻڌايو ته اھو ڪلام ھن ڪجھه عرصو اڳ پنھنجي ھڪ البم ۾ ڳايو ھو، پر فنڪار وحيد ھڪڙو جي البم ۾ اھو ئي ڪلام ڪنھن ٻئي شاعر جي نالي سان ڳايو ويو آھي، جيڪا سراسر ناانصافي آھي، طالب چيو ته سندس تلخيق چوري ٿي آھي، جنھن جو ڪو به ازالو ممڪن ناھي.
طالب قمبراڻي چيو ته ھڪ شاعر جي لاءِ سندس شاعري ئي سرمايو ھوندي آھي، ڪنھن جي تخليق چوري ڪرڻ تمام خراب عمل آھي، ھن چيو تھ ھاڻي ته سنڌ ۾ شاعري به چوري ٿيڻ لڳي آھي، ٻئي پاسي سڄاڻ ڌرين طرفان به فنڪار وحيد ھڪڙو کان مطالبو ڪيو ويو ته اھو شاعر طالب قمبراڻي کان معافي وٺي، سڄاڻ ڌرين جو چوڻ ھو ته فنڪار وحيد ھڪڙو طالب کان معافي وٺي اھو ئي ڪلام طالب جي نالي سان ڳائي.