بورڊ آف پيس کي ابراھام معاھدي سان ڳنڍڻ غلط فھمي آھي، پاڪستان ابراھام معاھدي جو حصو نہ بڻجندو: پرڏيھي ترجمان

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : پرڏيھي ترجمان چيو آھي تہ بورڊ آف پيس کي ابراھام معاھدي سان ڳنڍڻ غلط فھمي آھي ۽ پاڪستان ابراھام معاھدي جو حصو نہ بڻجندو.

هفتيوار بريفنگ دوران پرڏيھي ترجمان چيو تہ پاڪستان عالمي مسافرن لاءِ محفوظ ۽ کليل ملڪ آهي، آمريڪا پاران جاري ڪيل سفري هدايت نامو ڊائون اسڪيل نہ پر اپڊيٽ آهي، نئين ٽريول ايڊوائزري ۾ ڪجهہ اڳوڻا سيڪيورٽي نقطا ڪڍيا ويا آهن، اپڊيٽ کانپوءِ آمريڪي شهرين لاءِ پاڪستان جو سفر وڌيڪ آسان ٿي ويو آهي، پاڪستان ۽ آمريڪا هن معاملي تي سفارتي ذريعن وسيلي رابطي ۾ آهن.

ترجمان چيو تہ آمريڪي ويزا پابندين جي خاتمي بابت اسلام آباد ۽ واشنگٽن ۾ ڳالھيون جاري آھن، پاڪستان کي اميد آهي تہ جلد ويزا پابندين جي فهرست مان ڪڍيو ويندو، جڏھن تہ آمريڪا سان سفارتي رابطا بہ انهي مقصد لاءِ جاري آهن۔

طاهر اندرابي چيو تہ پاڪستان نيڪ نيتي تحت بورڊ آف پيس ۾ شموليت اختيار ڪئي آهي، بورڊ آف پيس ۾ شامل ٿيڻ جو مقصد غزا ۾ جنگبندي کي مستحڪم بڻائڻ آهي، بورڊ آف پيس جو ٻيو مقصد غزا جي ٻيھر اڏاوت ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي، جڏھن تہ ٽيون مقصد فلسطيني عوام جي حقِ خوداراديت تي ٻڌل پائيدار امن جو قيام آهي۔

ترجمان وڌيڪ چيو تہ پاڪستان اڪيلو ناهي، ٻيا 7 مسلمان ملڪ بہ بورڊ آف پيس ۾ شامل آھن، سعودي عرب، مصر، اردن، يو اي ايِ، انڊونيشيا ۽ قطر بہ بورڊ جو حصو آھن، بورڊ آف پيس جي شروعات گذريل سال سيپٽمبر ۾ گڏيل ڪوششن تحت ٿي، بورڊ آف پيس غزا ۽ فلسطين مسئلي لاءِ اميد جي ڪرڻ آھي.

هن چيو تہ گذريل ٻن سالن کان غزا جا ماڻهو سخت تباهي ۽ انساني بحران جو شڪار آهن، گڏيل قومن جون ڪوششون اسرائيلي جارحيت روڪڻ ۾ ناڪام رھيون آهن، بورڊ آف پيس کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ٺھراءُ جي منظوري حاصل آهي، بورڊ آف پيس گڏيل قومن جو متبادل ناهي پر هڪ مددگار پليٽ فارم آهي۔

طاهر حسين اندرابي چيو تہ بورڊ آف پيس کي ابراھام معاهدي سان ڳنڍڻ هڪ غلط فهمي آهي، پاڪستان ابراھام معاهدي جو حصو نہ بڻجندو ۽ پاڪستان عالمي استحڪام فورس ۾ شموليت بابت ڪو بہ فيصلو ناهي ڪيو۔….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں