بن قاسم ٽريفڪ پوليس جي ڪارروائي، ڊبل ڪيبن ٽرڪ مان مبينا اغوا ٿيل نينگري بازياب، جوابدار گرفتار

فہرستِ مضامین

ڪراچي (رپورٽ: شهنشاهه چارڻ): بن قاسم ٽريفڪ پوليس ڪارروائي ڪندي هڪ شڪي ڊبل ڪيبن ٽرڪ مان مبينا طور اغوا ٿيل معصوم نينگري کي حفاظت سان بازياب ڪرائي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو.

پوليس موجب بن قاسم ٽريفڪ پوليس گشت دوران هڪ شڪي ڊبل ڪيبن ٽرڪ کي روڪڻ جو اشارو ڪيو، جنهن تي ڊرائيور فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.

پوليس اهلڪارن وقت سر ڪارروائي ڪندي گاڏي جي ڊرائيور کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته ڊبل ڪيبن ٽرڪ جي تلاشي دوران اندر لڪائي رکيل معصوم نينگري پڻ هٿ اچي وئي.

پوليس موجب نينگري کي حفاظت سان پنهنجي تحويل ۾ وٺي وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گرفتار جوابدار کي حراست ۾ وٺي واقعي بابت قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته نينگري کي ڪٿان ۽ ڪهڙي مقصد لاءِ کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، ان حوالي سان پڻ جاچ جاري آهي، جڏهن ته واقعي جا وڌيڪ تفصيل جاچ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ سامهون اچڻ جو امڪان آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں