ڍاڪا : بنگلاديش ۾ 5.7 شدت جي خوفناڪ زلزلي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ۽ 100 کان وڌيڪ زخمي ٿيا آھن، جڏھن تہ ڪيترين ئي عمارتن کي نقصان پھتو آھي.
بنگلاديشي موسميات کاتي موجب اڄ صبح جو 5.7 جي شدت جو زلزلو آھيو، زلزلي جا لوڏا تقريبن 26 سيڪنڊ تائين محسوس ڪيا ويا، خوف سبب ماڻھو گھرن کان ٻاھر نڪري آيا.
جرمن ريسرچ سينٽر موجب زلزلي جو مرڪز ڍاڪا ويجھو نرسنگدي شھر ھو، زلزلي جي اونھائي 10 ڪلو ميٽر ھئي، جڏھن تہ زلزلي جا لوڏا ڀارتي شھر ڪولڪتا ۽ اتر اوڀر ڀارت جي ڪجھ حصن ۾ بہ محسوس ڪيا ويا.
پرڏيھي ميڊيا موجب زلزلي جي نتيجي ۾ 5 ڄڻا فوت ٿي ويا، 100 کان وڌيڪ ماڻھو زخمي ٿيا آھن، جڏھن تہ ڪيترن ئي علائقن ۾ عمارتن کي نقصان پھتو.
بنگلاديش جي عبوري حڪومت جي سربراھ محمد يونس زلزلي سبب فوتگين تي ڏک ۽ افسوس جو اظھار ڪيو .
بنگلاديشي حڪومت ٻڌايو تہ صورتحال تي ويجھي نظر آھي ۽ لاڳاپيل کاتن کي ھدايتون ڏنيون ويون آھن تہ متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون تيز ڪيون وڃن…..