بنگلاديش ۾ ڪپڙي جي فيڪٽري کي باھ: 16 ڄڻا سڙي ويا، سڃاڻپ نہ ٿي سگھندي: اختياريون

فہرستِ مضامین

بنگلاديش جي راڄڌاني ڍاڪا ۾ ڪپڙي جي فيڪٽري کي باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ 16 ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا آھن.

اختيارين خبردار ڪيو آھي تہ فوتين جي  انگ ۾ اضافو ٿي سگھي ٿو.

بنگلاديش جي فائر سروس ٻڌايو تہ ھيل تائين 16 پورھيت جا لاش ملبي مان ڪڍيا ويا آھن پر مڙھ سڙي وڃڻ سبب سڃاڻپ نہ ٿي سگھندي

بنگلاديش اختيارين موجب واقعو ميرپور جي علائقي ۾ ڪپڙي جي ھڪ فيڪٽري جي 4 ماڙ عمارت ۾ پيش آيو،  جتي منجھند جو باھ لڳي جنھن تي ضابطو آندو پر فيڪٽري جي گودام ۾ ڪيميڪل سڙندو رھيو.

اکين ڏٺن شاھدن موجب گودان ۾ بليچنگ پائوڊر، پلاسٽڪ ۽ ھائيڊروجن پيرو آڪسائيڊ ذخيرو ڪيو ويو ھو، اھي سڀ باھ جي شدت ۾ اضافي جو سبب بڻبا آھن، جڏھن تہ پلاسٽڪ سڙڻ سبب زھريلو دونھون نڪرندو آھي.

فائر سروس جي ڊائريڪٽر محمد تاج الاسلام چوڌري  موجب ممڪن آھي تہ پورھيت زھريلي گئس سبب ٿڌي تي فوت ٿيا ھجن، پوليس ۽ فوجي آفيسر فيڪٽري ۽ گودام جي مالڪن جي ڳولا ڪري رھيا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں