بنگلاديش چونڊون، بي اين پي 2 ڀاڱين 3 اڪثريت سان ڪامياب

فہرستِ مضامین

ڍاڪا: بنگلاديش جي 13 ھين پارلياماني چونڊن ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي ميدان ماري ورتو آھي.

بنگلاديشن ۾ عام چونڊن جا غيرسرڪاري ۽ غيرحتمي نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري آھي، ھيل تائين حاصل ڪيل نتيجن موجب بي اين پي اي ۽ ان جي اتحادي جماعتن 300 مان 212 سيٽون کٽي ورتيون آھن

نتيجن موجب خالدہ ضياءَ جي پٽ ۽ وزارتِ عظميٰ جي اميدوار طارق رحمان جي اڳواڻي ۾ پارٽي 151 سيٽون کٽي چڪي آهي،جڏھن تہ طارق رحمان کي ڍاڪا ۽ بوگرا جي ٻنهي تڪن تان ڪامياب قرار ڏنو ويو آھي.

بنگلاديشي ميڊيا موجب جماعت اسلامي ۽ ان جي اتحادي جماعتن کي 70 سيٽن تي ڪاميابي ملي آهي، جڏھن جين زي جي نيشنل سٽيزن پارٽي بہ جماعت اسلامي سان اتحاد ۾ شامل آهي، نيشنل سٽيزن پارٽي صرف 5 سيٽون حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي آهي۔

بي اين پي سربراهہ طارق رحمان چيو آهي تہ امن امان پهرين ترجيح آهي تہ جيئن عوام پاڻ کي محفوظ سمجهي سگهي

هن چيو تہ ملڪ جي اڌ آبادي عورتن تي ٻڌل آهي، اسان انهن تي خاص ڌيان ڏينداسين، ۽ جن سان گڏجي تحريڪ هلائي آهي، انهن سان گڏجي ئي ملڪ هلائينداسين۔

طارق رحمان پارٽي جي حامين ۽ ڪارڪنن کي اپيل ڪئي آهي تہ هو خاص دعائن ۾ شرڪت ڪن ۽ ڪنهن بہ قسم جي ريلي يا جشن کان پاسو ڪن۔

ٻئي پاسي، جماعت اسلامي جي شفيق الرحمان اليڪشن ڪميشن تي ڪجہ تڪن ۾ دير جو الزام لڳائيندي احتجاج جي ڌمڪي ڏني آھي۔

شفیق الرحمان چيو تہ هو سرڪاري نتيجن کانپوءِ پنهنجي ردعمل ڏنو ويندو

صدر ۽ وزيراعظم پاران واڌايون

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم اليڪشن جي ڪاميابي تي طارق رحمان کي واڌايون ڏنيون آھن

صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شھباز شريف بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي جي سربراھ طارق رحمان ۽ بنگلاديشي عوام کي اليڪشن ۾ ڪاميابي تي واڌايون ڏنيون آھن.

وزيراعظم شھباز شريف چيو تہ پاڪستان ۽ بنگلاديش جا تاريخي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بڻائڻ لاءِ نئين قيادت سان سھڪار جا خواهشمند آھيون….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں