بنگلاديش طرفان 1971ع کانپوءِ پھريون ڀيرو پاڪستاني اختيارين لاءِ ويزا جو شرط ختم ڪري ڇڏيو آھي، طرفان پرڏيھي ميڊيا موجب پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ھاڻي سفارتي ۽ سرڪاري پاسپورٽ رکندڙن کي ويزا جي ضرورت نھ ھوندي، ميڊيا موجب ڊاڪٽر محمد يونس جي قيادت ۾ بنگلاديش جي وقتي حڪومت ويزا ڇوٽ واري معاھدي جي منظوري ڏني آھي، بنگلاديشي اختيارين موجب 31 ٻين ملڪن سان بھ بنگلاديش جا اھڙا معاھدا موجود آھن.
اسحاق ڊار پاران بنگلاديش جو دورو
پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽پرڏيھي وزير اسحاق ڊار دوري تي بنگلاديش پھچي ويو آھي، ھي 13 سالن ۾ ڪنھن بھ پاڪستاني پرڏيھي وزير جو پھريون دورو آھي، جتي ھو چيف ايڊوائزر ڊاڪٽر محمد يونس ۽ ٻين سان ملاقاتون ڪندو، اسحاق ڊار ۽ بنگلاديشي اختيارين جي ملاقاتن دوران مختلف معاھدن تي صحيحون بھ ڪيون وينديون.
پاڪستان ۽ بنگلاديش ۾ ويجھڙائي
بنگلاديش ۾ حسينا واجد جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد پاڪستان ۽بنگلاديش ۾ سفارتي لاڳاپا بحال ٿيا، ٻنھي ملڪن جي پرڏيھي سيڪريٽرين 15 سالن کانپوءِ ملاقات ڪئي، نومبر 2024 ۾ پھريون ڀيرو سمنڊ رستي واپار بحال ٿيو، جيڪو ٻنھي ملڪن ۾ واپاري لاڳاپن جي بحالي بابت 1971 ع کانپوءِ وڏو قدم ھو.
ٻنھي ملڪن ۾ دفاعي سھڪار
بنگلاديش ۾ حسينا واجد جي حڪومت ختم ٿيڻ بعد ٻنھي ملڪن ۾ دفاعي سھڪار بھ وڌيو، جنوري 2025ع تي بنگلاديشي فوج جي وفد پاڪستان جو دورو ڪيو، وفد پاڪستان جي فوجي سربراھن سان ملاقات ڪئي، جنھن دوران دفاعي سھڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، بنگلاديش طرفان فوجي مشقن ۾بھ حصو ورتو ويو.
شھباز شريف ۽ ڊاڪٽر محمد يونس جي ملاقات
8 ڊسمبر 2024 تي قائرھ ۾ ھڪ اجلاس جي سائيڊ لائن تي وزيراعظم شھباز شريف ۽ ڊاڪٽر محمد يونس جي ملاقات ٿي، جنھن دوران ٻھ طرفن لاڳاپن ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي، ملاقات دوران مختلف شعبن ۾ سھڪار کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ تي بھ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، وزيراعظم شھباز شريف ڍاڪا ۾ پاڪستاني شھرين لاءِ سڪيورٽي ڊيسڪ قائم ڪرڻ تي بنگلاديشي حڪومت جا ٿورا مڃيا.
لاڳاپا بحال ٿيڻ سان ٻنھي ملڪن کي ڪھڙو فائدو ٿيندو؟
بنگلاديش ۾ شاگردن جي بغاوت ۽ حسينا واجد جي حڪومت جي خاتمي بعد پاڪستان ۽ بنگلاديش جا دفاعي، واپاري ۽ ثقافتي لاڳاپا بحال ٿيا، ٻنھي ملڪن جي پرڏيھي سيڪريٽرين جون ملاقاتون ٿيون، ٻنھي ملڪن واپاري وفد بھ ھڪٻئي جي ملڪ ڏانھن اماڻيا، جنھن دوران مختلف معاھدن تي صحيحون بھ ڪيون ويون، تازو پاڪستان جو نائب وزيراعظم اسحاق ڊار بنگلاديش جي دوري تي پھتو آھي، پاڪستاني اختياريون اسحاق ڊار جي دوري کي ٻنھي ملڪن لاءِ اھم قرار ڏئي رھيون آھن، سندن چوڻ آھي تھ نائب وزيراعظم جي دوري سان پاڪستان ۽ بنگلاديش جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا، ٻنھي ملڪن ۾ واپار جو ھڪ نئون دور شروع ٿيندو…….