ڊبليو ٽي اين سنڌي ڊاٽ ڪام/انٽرنيشنل ڊيسڪ “.
بنگلاديش جي پارلياماني نظام جي 13ھين عام چونڊن لاءِ پولنگ جو وقت ختم ٿيڻ بعد ووٽنگ جي ڳڻپ جو عمل جاري آھي، اليڪشن ڪميشن موجب ملڪ ۾ ڪجھ حصن ۾ معمولي بدانتظامي کانسواءِ مجموعي طور تي پولنگ پرامن رھي.
پولنگ صبح مقامي وقت موجب ساڍي ستين وڳي شروع ٿي ۽ ساڍي چئين وڳي تائين جاري رهي. اختيارين جي دعويٰ آهي ته ووٽرن جو ٽرن آئوٽ بهتر رهيو پر نتيجن جو باضابطا اعلان جمعي تائين ٿيڻ جو امڪان آھي.
عام چونڊن لاءِ رجسٽرڊ ووٽرن جو انگ 12 ڪروڙ هو، جڏهن ته نوجوان ووٽرن جي ڪردار کي فيصلائتو قرار ڏنو پيو وڃي.
ماهرن موجب، اصل مقابلو بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (BNP) ۽ جماعت اسلامي جي وچ ۾ آهي.
عوامي ليگ جي غير موجودگي ۽ سوال

بنگلاديش جي سياست ۾ گذريل ڪيترن ئي ڏھاڪن کان اهم سمجهي ويندڙ شيخ حسينه جي عوامي ليگ کي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت نه ڏني وئي هئي، جنهن تي ڪجهه ماهر چونڊن جي شفافيت تي سوال اٿاري رهيا آهن.
بنگلاديش جي عبوري حڪومت جو سربراهه محمد يونس ملڪ ۾ آزاد ۽ منصفاڻي چونڊن جو واعدو ڪندو رهيو آهي پر عوامي ليگ جو موقف آهي ته ائين نه پيو ٿئي. عوامي ليگ جي هڪ اڳواڻ ٻڌايو ته عوامي ليگ کي نظرانداز ڪري ملڪ ۾ آزاد ۽ منصفاڻي چونڊون ڪنهن به صورت ۾ ممڪن ناھن.
ياد رھي ته نگران حڪومت دهشتگردي جي روڪٿام واري قانون تحت 2024 ۾ عوامي ليگ تي پابندي لڳائي هئي. پارٽي جي ڪجهه اڳواڻن کي بغاوت دوران ڪريڪ ڊائون ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي انٽرنيشنل ڪرائيمز ٽربيونل ۾ ڪيسن کي منھن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
پولنگ دوران ڇڪتاڻ ۽ قتل جا واقعا
ڏھاڪن کانپوءِ ايئن ٿي رهيو آهي ته انهن چونڊن ۾ ملڪ جون ٻه اهم سياسي شخصيتون يعني شيخ حسينه ۽ خالده ضياء شامل ناهن. ووٽر نه صرف نئين حڪومت چونڊي رھيا آهن پر اهي هڪ آئيني ريفرنڊم لاءِ به ووٽ ڏئي رهيا آهن، جيڪو اهو فيصلو ڪندو ته جولاء جي چارٽر (اصلاحاتي پيڪيج) تي عمل ڪيو وڃي يا نه.
هتي هڪ مدرسي پولنگ اسٽيشن تي سياسي ڪارڪنن جي جهيڙي دوران بي اين پي اڳواڻ محييب الزمان ڪوچي مارجي ويو. الزام آهي ته هو جهيڙي دوران ڌڪ لڳڻ سبب زخمي ٿيو، جنھن بعد سندس موت واقع ٿيو.

برهمن باڙيا ۾ ڊيوٽي دوران هڪ پولنگ آفيسر، 48 ورهين جو محمد مجاهد الاسلام بيهوش ٿيڻ کانپوءِ فوت ٿي ويو، راجشاهي ۽ درگا پور ۾ به اميدوارن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جون خبرون سامھون آيون.
جماعت اسلامي جي امير شفيق الرحمان الزام لڳايو آهي ته ڪميلا جي علائقي لڪسام ۾ ڪيترن ئي پولنگ اسٽيشنن تان جماعت اسلامي جي پولنگ ايجنٽن کي ڪڍيو ويو. هن وڌيڪ چيو ته اپوزيشن جي حمايتين ووٽنگ تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي پر فوج پهچي صورتحال کي ڪنٽرول ڪيو. سندس خيال ۾ مجموعي طور تي ووٽنگ پرامن رھي.