بنگلاديشي آرمي ۾ اعليٰ سطح تي تبديليون، چيف آف جنرل اسٽاف بہ تبديل

فہرستِ مضامین

بنگلاديشي وزيراعظم طارق رحمان پاران وزارت عظميٰ جو عھدو سنڀالڻ بعد بنگلاديش جي آرمي ۾ اعليٰ سطح تي تبديليون ڪيون ويون آھن

پرڏيهي ميڊيا موجب آرمي هيڊڪوارٽر طرفان جاري ڪيل پڌرائي ۾ چيو ويو آهي تہ ڀارت ۾ مقرر دفاعي صلاحڪار بريگيڊيئر جنرل محمد حفيظ الرحمان کي ترقي ڏئي ميجر جنرل بڻايو ويو آهي ۽ کيس 55 انفنٽري ڊويزن جو جنرل ڪمانڊنگ آفيسر مقرر ڪري فوري طور وطن واپس گهرايو ويو آهي۔

ان کانسواءِ ليفٽيننٽ جنرل محمد معين الرحمان کي چيف آف جنرل اسٽاف مقرر ڪيو ويو آهي۔

ميجر جنرل قيصر رشيد چوڌري کي ڊائريڪٽر جنرل آف فورسز انٽيليجنس مقرر ڪيو ويو آهي، جڏھن تہ ميجر جنرل محمد جهانگير عالم کي پرڏيهي کاتي ۾ سفير طور مقرر ڪيو ويو آهي۔

ميڊيا رپورٽن موجب ليفٽيننٽ جنرل مير مشفيق الرحمان کي آرمڊ فورسز ڊويزن ۾ پرنسپل اسٽاف آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي، جڏھن تہ اڳوڻي پي ايس او ليفٽيننٽ جنرل ايس ايم قمر الحسن جون خدمتون پرڏيهي کاتي حوالي ڪيون ويون آهن۔

ياد رھي تہ 12 فيبروري تي ٿيل پارلياماني چونڊن ۾ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي209 سيٽون کٽي واضع اڪثريت حاصل ڪئي، جڏھن تہ جماعت اسلامي 77 سيٽون حاصل ڪيون۔ بي اين پي جي سربراهه طارق رحمان وزيراعظم جو عهدو سنڀالي چڪا آهن، جڏھن تہ جماعت اسلامي بنگلاديش جي امير کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي۔……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں