آءِ ايس پي آر موجب خيبرپختونخواھہ ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٻن ڌار ڌار ڪاررواين ۾ فتنہ الھندستان جا 31 دھشتگرد مارجي ويا آھن.
انٽر سروسز پبلڪ ريليشن جي جاري ڪيل پڌرائي موجب مارجي ويل دھشتگردن سيڪيورٽي فورسز پاران خيبرپختونخواھہ جي ضلعي بنون ۽ لڪي مروت ۾ ٻن ڌار ڌار ڪارروائين ۾ 32 خارجي دھشتگردن کي ماريو ويو آھي.
آءِ ايس پي آر موجب ھي ٻئي ڪارروايون 13 ۽ 14 سيپٽمبر تي ڪيون ويون، لڪي مروت ۾ دھشتگردن جي موجودگي واري اطلاع تي فورسز اثرائتي ڪارروائي ڪئي، فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ڀارتي اسپانسرڊ 14 ڀارتي دھشتگرد مارجي ويا، ٻي ڪارروائي بنون ۾ ڪئي وئي جنھن ۾ 17 دھشتگردن کي ماريو ويو آھي.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب بنون ۽ لڪي مروت ۾ ڪاررواين بعد سينيٽائزيشن آپريشن جاري آھي، جيئن علائقي ۾ دھشتگردن جي نيٽ ورڪ کي بہ ٽوڙي سگھجي.
ترجمان موجب سڪيورٽي فورسز ڀارتي اسپانسرڊ دھشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آھي ۽ قربانيون اسان جي عزم کي وڌيڪ پختو ڪن ٿيون.
ٻئي پاسي وفاقي گھرو وزير محسن نقوي خيبرپختونخواھ ۾ ڀارتي حمايت يافتہ دھشتگردن جي خاتمي تي پاڪ فوج جي قربانين جي واکاڻ ڪئي.
گھرو وزير چيو سڪيورٽي فورسز 31 دھشتگردن کي ختم ڪري سندن ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻايو آھي،دھشتگردن کي عبرت جو نشانو بڻائيندڙ جوان خراج تحسين جا مستحق آھن.
محسن نقوي چيو تہ ڀارتي اسپانسرڊ دھشتگردن جي خاتمي لاءِ سموري قوم سڪيورٽي فورسز سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي بيٺل آھي، فتنہ الھندستان جي دھشتگردن کي پاڪستان ۾لڪڻ نہ ڏنو ويندو.