بنون : فورسز جي قافلي تي فتنہ الخوارج جو حملو، پاڪ فوج جو ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ سپاھي شھيد

فہرستِ مضامین

راولپنڊي : بنون ۾ سيڪيورٽي فورسز جي قافلي تي فتنہ الخوارج جي حملي ۾ پاڪ فوج جو ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ ھڪ اھلڪار شھيد ٿي ويو آھي.

آءِ ايس پي آر موجب سيڪيورٽي فورسز کي آپگھاتي بمبار جي گاڏي جو اطلاع مليو ھو ۽ ڳجھي اطلاع تي فورسز علائقي ۾ آپريشن ڪري رھي ھئي.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ بنون ۾ آپريشن دوران فورسز جي قافلي تي فتنہ الخوارج حملو ڪيو ۽ خارجين بارود سان ڀريل گاڏي سيڪيورٽي فورسز جي گاڏي سان ٽڪرائي ڇڏي، جنھن جي نتيجي ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل شھزاد گلفراز ۽ اھلڪار ڪرامت شاھ شھيد ٿي ويا.

آءِ ايس پي آر موبجب ان دوران فورسز جي آپريشن ۾ 5 خارجين کي بہ ماريو ويو.

آءِ ايس پي آر جو چوڻ آھي تہ مقدس مھيني ۾ بہ خارجين جون افغانستان ذريعي پاڪستان ۾ دھشتگرد سرگرميو ن جاري آھن، دھشتگردن پاران رمضان جو تقدس پائمال ڪرڻ سان واضح آھي تہ انھن جو اسلام سان ڪو بہ تعلق ناھي….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں