بنون: دھشتگردن جي فائرنگ سبب پيءُ پٽ سميت امن ڪميٽي جا 4 ميمبر مارجي ويا

فہرستِ مضامین

بنون ۾ امن ڪميٽي تي دھشتگردن جي فائرنگ سان 4 ڄڻا مارجي ويا آھن.

پوليس موجب بنون جي ھويد واري علائقي ۾ امن ڪميٽي جي ميمبرن تي دھشتگردن فائرنگ ڪئي.

ھويد ٿاڻي جي حد ۾واقعو گلبدين لنڊيڊاڪ ۾ اڻڄاتل ھٿياربندن گاڏي تي فائرنگ ڪري ڏني، فائرنگ جي نتيجي ۾ پيءُ ۽ پٽ سميت امن ڪميٽي جا چار ميمبر مارجي ويا.

پوليس موجب ھٿياربند حملي آور  امن ڪميٽي جي ميمبرن کي ان وقت نشانو بڻايو جڏھن ھو گاڏي ۾ وڃي رھيا ھئا.

واقعي جي اطلاع تي حد جي پوليس جي ڳري نفري پھتي ۽ شاھديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.

اسپتال جي ذريعن موجب مارجي ويل جي سڃاڻپ نصيب، حامد، ضياءُ اللھ ۽ فوجي جي نالن سان ٿي آھي…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں