آمريڪا جي اوٽاھ يونيورسٽي ۾ قدامت پسند اڳواڻ ۽ صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ويجھي ساٿي چارلي ڪرڪ کي گولي ھڻي قتل ڪندڙ جوابدار جي سڃاڻپ ٿي وئي آھي، آمريڪا جي جاچ اداري ايف بي آءِ شڪي جوابدار جون تصويرون پڻ جاري ڪري ڇڏيون .
ايف بي آءِ پاران جاري ڪيل تصوير ۾ آمريڪي جھنڊي ۽ باز جو ڦوٽو ڇپيل ڪاري رنگ جي شرٽ پاتل شخص کي عمارت جي ڇت تي ويندي ۽ فرار ٿيندي ڏسي سگھجي ٿو.
آمريڪي اختيارين گذريل ڏينهن چارلي ڪرڪ جي قتل ۾ ٻن شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو، جن کي جاچ کانپوءِ آزاد ڪيو ويو آھي.
صدر ٽرمپ جو چوڻ آهي ته چارلي ڪرڪ جي قاتل کي جلد گرفتار ڪيو ويندو.

قاتل جون تصويرون جاري ھڪ لک ڊالر انعام جو اعلان
ايف بي آءِ چارلي ڪرڪ تي حملو ڪندڙ شخص بابت اطلاع ۽ گرفتاري ۾ مدد ڏيڻ تي ھڪ لک ڊالرز انعام جو اعلان ڪيوآھي.
گورنر يوٽاھ سپينسر ڪاڪس ۽ يوٽاھ جي پبلڪ سيفٽي ڪميشنر بيو ميسن پريس ڪانفرنس ڪندي چارلي ڪرڪ تي حملي ۾ ملوث شخص جي وڊيو ۽ تصويرون بھ ڏيکاريون.
وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ڪاري رنگ جي پينٽ،آمريڪي جھنڊي واري بليڪ ٽي شارٽ ۽ ڪارا سن گلاسز پاتل شخص عمارت تي چڙھڻ دوران ڇپر تي ڪري پيو ۽ پوءِ ڊوڙندو جھنگ ۾ ھليو ويو .
پريس ڪانفرنس دوران ھن شخص جو تصويرون پڻ ميڊيا کي ڏيکاريون ويون.
يوٽاھھ جي گورنر سپينسر ڪاڪس چيو تھ ھي معلومات ان لاءِ شيئر ڪري رھيا آھيون جيئن شيطان صفت شخص جي ڳولا لاءِ عوام جي مدد حاصل ڪري سگھجي.
پرڏيھي خابرو اداري موجب پريس ڪانفرنس رڳو 10 منٽ ھلي، گورنر يوٽاھ صحافين جي سوالن جا جواب ڏنا، ايف بي آءِ جو ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل بھ ڪا ڳالھ ٻولھ نہ ڪئي.
يوٽاھ جي گورنر اسپينسر ڪاڪس چيو ته هن چارلي جي قتل جي جاچ ۾ 200 کان وڌيڪ انٽرويو ڪيا آهن، “اسان وٽ ڪيترائي فارنزڪ ثبوت آهن ۽ اسان هن شخص کي ھر صورت ۾ پڪڙينداسين.

چارلي ڪرڪ تي حملو ڪندڙ شڪاري ھو
ايف بي آءِ جي اي جي اڳوڻي ايجنٽ ڊينس فرينڪس چيو آھي تہ چارلي ڪرڪ تي حملو ڪندڙ شخص ھڪ شڪاري ھو.
ھن چيو تہ پري کان اھڙي قسم جو نشانو وٺڻ لاءِ ھڪ خاص قسم جي اعتماد جي ضرورت ھوندي آھي پر ھڪ تجريبڪار شوٽر لاءِ اھڙو نشانو وٺڻ ڪا وڏي ڳالھ نہ آھي.
ڊينس فرينڪس چيو تھ جنھن علائقي ۾ چارلي ڪرڪ کي قتل ڪيو ويو ۽ جنھن اعتماد سان کيس نشانو بڻايو ويو ان مان لڳي ٿو ھي ڪو عام واقعو نہ آھي، ھڪ ڪارروائي جي پٺيان ھڪ پروفيشنل ۽ تجريبڪار شڪاري ئي ٿي سگھي ٿو.

بندوق جي استعمال جي روڪٿام واري بحث دوران چارلي ڪرڪ جو قتل
صدر ٽرمپ جي ويجهي ساٿي ۽ اسرائيل نواز چارلي ڪرڪ کي يوٽاھ يونيورسٽي ۾ تقرير دوران گولي هڻي ماريو ويو هو.
اکين ڏٺن شاهدن پرڏيهي ميڊيا کي ٻڌايو ته چارلي کي ان وقت گولي هڻي ماريو ويو جڏهن هو ميڙ ۾ بندوق ڪنٽرول ۽ فائرنگ بابت بحث ڪري رهيو هو.
حملي وقت سندس زال ۽ ڪٽنب پڻ موجود هئا، پر اهي سڀئي حملي ۾ بچي ويا. کيس فوري طور تي اسپتال پهچايو ويو، پر ڪجهه ڪلاڪن بعد آمريڪي صدر پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽ تي چارلي ڪرڪ جي موت جي تصديق ڪئي.
چارلي ڪرڪ ڳچيءَ ۾ هڪ ئي گولي لڳڻ سان مارجي ويو، گولي هڪ ويجهي عمارت جي ڇت تي بيٺل هڪ شخص طرفان فائر ڪئي وئي هئي.
چارلي ڪرڪ هڪ قدامت پسند شخصيت هو ۽ آمريڪي صدر جو ويجهو اتحادي سمجهيو ويندو هو.
رپورٽن موجب، چارلي ڪرڪ ‘ٽرننگ پوائنٽ يو ايس اي’ نالي هڪ تنظيم جو باني پڻ هو. 2012 ۾ قائم ڪيل، هي تنظيم تعليمي ادارن ۾ قدامت پسند خيالن کي ھٿي ڏئي ٿي