بلوچستان ۾ فتنہ الهندوستان جا 12 هنڌن تي حملا ناڪام، فورسز جي ڪاررواين ۾ 58 دهشتگرد مارجي ويا
بلوچستان ۾ سيڪيورٽي فورسز 12 ھنڌن تي فتنہ الھندستان جي دھشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻائيندي 58 دھشتگردن کي ماري ڇڏيو آھي.
سيڪيورٽي ذريعن موجب، گذريل رات فتنہ الهندوستان جي دهشتگردن بلوچستان جي 12 مختلف هنڌن تي بزدلانا حملا ڪيا، سيڪيورٽي فورسز ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي بروقت ۽ اثرائتي ڪارروائي سبب سمورا حملا ناڪام بڻايا ويا.
ذريعن ٻڌايو آهي تہ دهشتگرد ڪاررواين دوران هينئر تائين فتنہ الهندوستان جا 58 دهشتگرد مارجي چڪا آھن، جڏھن تہ ان دوران سيڪيورٽي ادارن ۽ پوليس جي 10 جوانن شھادت ماڻي آھي.
سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليس جي 10 شهيدن کانسواءِ فتنہ الھندستان جي دھشتگرد گوادر ۾ خضدار سان تعلق رکندڙ ھڪ بلوچ مزدور خاندان جي 5 ماڻھن کي شھيد ڪري ڇڏيو، جن ۾ ھڪ عورت 3 ٻار شامل آھن.
سيڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي تہ مختلف هنڌن تي دهشتگردن جو پيڇو ۽ مقابلي جو سلسلو اڃا تائين جاري آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ دهشتگرد مارجڻ ۽ نقصانن جا اطلاع بہ ملي رھيا آھن .
ياد رھي تہ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا گذريل 48 ڪلاڪن دوران بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ ڪاررواين دوران فتنہ الھندستان جا اڳ ئي 41 دھشتگرد مارجي چڪا آھن
صدر ، وزيراعظم ۽ گھرو وزير پاران سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين
صدر آصف علي زرداري بلوچستان ۾ دھشتگردن خلاف سيڪيورٽي فورسز جي اثرائتي ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ڪئي آھي.
هنن فتنہ الهندوستان جي دهشتگردن پاران مختلف هنڌن تي دھشتگردن جي داخل ٿيڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائڻ تي پاڪ فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي پيشوراڻي مھارت جي واکاڻ ڪئي آھي…