بلوچستان ۾ دهشتگردي جي واقعن بعد ڪوئيٽا ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ، انٽرنيٽ سروس معطل

فہرستِ مضامین

بلوچستان ۾ گذريل ڏينهن دهشتگردي جي 12 مختلف واقعن کانپوءِ ڪوئيٽا  شهر ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪئي وئي آھي، جڏھن تہ موبائل فون انٽرنيٽ سروس بہ معطل ڪئي وئي آهي۔

سيڪيورٽي ذريعن موجب، شهر جي رھائشي علائقن ڏانهن ويندڙ رستا سيل ڪيا ويا آهن، امن امان بحال رکڻ لاءِ شهر جي داخلي ۽ خارجي رستن تي پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن۔

سڄي شهر ۾ پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪارن جي گشت جاري آهي، جڏھن تہ شهر جي مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن دوران ڪيترن ئي شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي۔

ٻئي طرف، ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ موبائل فون انٽرنيٽ سروس ٻئي ڏينهن بہ معطل آهي۔

گذريل ڏينهن دهشتگرد حملن کانپوءِ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي هئي، جنهن سبب صارفين کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏسڻو پئجي رھيو آھي.

صحافي برادري کي بہ انٽرنيٽ سروس جي معطلي سبب ڏکيائيون پيش اچي رھيون آھن ۔

ياد رھي تہ گذريل ڏينھن بلوچستان جي 12 مختلف ھنڌن تي دھشتگردن جي حملن کي ناڪام بڻايو ويو ھو، ڪاررواين دوران 92 دھشتگرد مارجي ويا ھئا، جڏھن تہ مادر وطن جو دفاع ڪندي 15 جوانن ۽ 18 شھرين شھادت ماڻي……..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں