بلوچستان ۾ خوفناڪ ٽريفڪ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ماڻهو فوت

فہرستِ مضامین

بلوچستان جي ضلعي چاغي ۾ خوفناڪ روڊ حادثي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ماڻهو فوت ۽ 3 سخت زخمي ٿي پيا آهن

بلوچستان جي ضلعي چاغي ۾ پاڪ-ايران آر سي ڊي شاهراه تي هڪ انتهائي خطرناڪ روڊ حادثو پيش آيو، جنهن جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت 7 ڄڻا فوت، جڏھن تہ 3 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا۔

اسپتال جي ذريعن موجب فوت ٿيلن ۾ چار عورتون، ٻہ ٻار ۽ هڪ مرد شامل آهي۔

حادثو پراڊو ۽ ڊبل ڪيبن گاڏي وچ ۾ پيش آيو، حادثي ۾ ٻئي گاڏيون مڪمل طور تباھ ٿي ويون ۔

حادثي جي اطلاع ملندي ئي پوليس، ليويز ۽ امدادي ٽيمون فوري طور پھتيون، زخمين ۽ فوت ٿيلن کي ڪڍي ابتدائي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو….

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں