ڪوئيٽا : بلوچستان جي گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ ڊگهي عرصي کان جدوجهد ڪندڙ ماما قدير بلوچ 85 ورھين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
ماما قدير بلوچ هلندڙ سال عيدالفطر کانپوءِ مسلسل بيمار هو ۽ ڪجهہ ڏينهن کان ڪوئيٽا جي هڪ خانگي اسپتال ۾ وينيٽليٽر تي هو.
ماما قدير بلوچ جي پٽ بجار خان برطانوي خابرو اداري سان سان ڳالهائيندي پيءُ جي لاڏاڻي جي تصديق ڪئي ۽ چيو ته سندس وصيت موجب تدفين اباڻي علائقي سوراب ۾ ڪئي ويندي.
وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز جي چيئرمين نصر الله بلوچ موجب، قدير بلوچ سهڪي جي بيماري ۾ مبتلا هو، جڏهن ته ڪجهه هفتا اڳ کيس ٽي بي ۽ جگر جي مسئلي جي نشاندهي به ٿي هئي.
وائس فار بلوچ مسنگ پرسنز ماما قدير بلوچ جي لاڏاڻي 3 ڏينهن سوڳ جو اعلان ڪيو آهي، جنهن دوران ڪوئيٽا ۾ احتجاجي بک هڙتالي ڪئمپ به بند رهندي.
واضح رهي ته ماما قدير بلوچ گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ پاڪستان جي تاريخ جو ڊگهو ترين پيادل مارچ پڻ ڪيو هو.
ماما قدير ڪير هو؟
ماما قدير بلوچ بلوچستان جي قلات ڊويزن جي علائقي سوراب ۾ 6 جون 1940ع تي ڄائو، هن مڊل تائين تعليم سوراب ۾ حاصل ڪئي، جڏهن ته ميٽرڪ خضدار مان ۽ انٽر ميڊئيٽ ڪوئيٽا مان مڪمل ڪئي.
تعليم دوران ۽ ان کانپوءِ هو قومپرست سياست سان واڳيل رهيو ۽ نيشنل عوامي پارٽي (اين اي پي) جي سرگرمين ۾ حصو وٺندو رهيو.
سال 1974ع ۾ هن ڪيشيئر طور يونائيٽڊ بئنڪ ۾ ملازمت شروع ڪئي ۽ 2009ع ۾ گريڊ ٿري جي آفيسر طور رٽائر ٿيو، رٽائرمينٽ کانپوءِ عام ماڻهو آرام کي ترجيح ڏيندو آهي، پر ماما قدير بلوچ کي آرام جو موقعو نه مليو ۽ سندس زندگي ۾ اڳ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ ڏکيو ڪم اچي ويو.