بلوچستان جي قومپرست اڳواڻ ۽ نواب اڪبر بگٽي جو پٽ جميل بگٽي ڪراچي ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي۔
ذريعن موجب جميل بگٽي کي دل جي تڪليف سبب ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج لاءِ داخل ڪيو ويو هو، جتي هو لاڏاڻو ڪري ويو۔
سندس تدفين بابت وارثن پاران اڃا تائين ڪو به اعلان سامهون ناهي آيو۔
جميل بگٽي بلوچستان جي مشهور سياسي خاندان سان تعلق رکندو هو ۽ پنهنجي والد نواب اڪبر بگٽي جي ورثي کي اڳتي وڌائڻ لاءِ سڃاتو ويندو هو۔
هو نواب اڪبر بگٽي قتل ڪيس جو درخواستگذار هو۔
والد جي قتل کان پوءِ هن بگٽي قبيلي جي معاملن ۽ بلوچستان جي سياست ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو۔
کيس ڪجهه عرصي تائين ڊيرا بگٽي وڃڻ تي پابندي پڻ هئي، جميل بگٽي موجوده نظام جو سخت نقاد سمجهيو ويندو هو۔
واضح رهي ته نواب اڪبر بگٽي 2006ع ۾ هڪ فوجي آپريشن دوران مارجي ويو هو، جنهن کان پوءِ جميل بگٽي پنهنجي والد جي قتل ڪيس کي قانوني طور تي اڳتي وڌائيندو رهيو۔
جميل بگٽي جي لاڏاڻي سان بلوچستان جي سياسي حلقن ۾ ڏک ۽ افسوس جي لهر ڇانئجي وئي آهي۔