اسلام آباد : وزیراعظم شهباز شريف چيو آهي تہ ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ ڪا بہ رنڊڪ برداشت نہ ڪنداسين، افغان طالبان رجيم کي مسلسل چيو آھي تہ پابندي مڙھيل تنظيم ٽي ٽي پي کي لغام ڏيو، 40 سالن تائين افغانين جي مھمان نوازي ڪئي، ان جونتيجو دنيا ڏسي رھي آھي.
قومي اسيمبليءَ مان 27هين آئيني ترميم منظور ٿيڻ کانپوءِ شهباز شريف ڳالھيندي چيو تہ آئيني عدالت جي قيام جو خواب 19 سال بعد پورو ٿيو، ميثاق جمھوريت ۾ پڻ آئيني عدالت جو ذڪر هو.
ھن چيو تہ اختلاف ڪرڻ اپوزيشن جو حق آهي، جنھن جو احترام ڪيان ٿو، سڀني کي گڏجي ملڪي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
ھن چيو تہ بلاول ڀٽو زرداري ۽ منھنجي سوچ ۾ ڪو بہ فرق ناھي، کيس چوان ٿو جيڪي بہ مسئلا آھن انھن جي حل لاءِ گڏجي ويھنداسين، جيڪڏھن صوبا مضبوط ٿيندا تہ وفاق مضبوط ٿيندو، ايوان اڄ يڪجهتي ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪيو، سڀني ميمبرن جو ٿورائتو آھيان.
ھن چيو تہ معرڪہ حق ۾ ڪاميابي کانپوءِ بلاول جي قيادت پاڪستان جو موقف دنيا آڏو رکيو، پاڪستان داخلي محاذ سان گڏوگڏ خارجي محاذ تي بہ ڪاميابي حاصل ڪئي، پاڪستان جو وقار عالمي سطح تي بلند ٿيو.
شهباز شريف چيو جرئتمنداڻي فيصلن جي نتيجي ۾ سموري دنيا ۾ پاڪستان جو مقام مٿانھون ٿيو، پاڪستان کي عسڪري ۽ سفارتي محاذ تي جيڪا عزت ملي ان جو مثال نٿو ملي.
ھن چيو تہ آرمي چيف کي فيلڊ مارشل جو اعزاز ڏيڻ جي پوري قوم واکاڻ ڪئي، پاڪستاني ھڪ عظيم قوم آھي جيڪا پنھنجي ھيروز کي عزت ڏيڻ ڄاڻي ٿي.
وزيراعظم جو چوڻ ھو تہ وانا ڪيڊٽ ڪاليج حملي اي پي ايس حملي جي ياد تازي ڪري ڇڏي، حملي آورن ۾ افغاني بہ شامل ھئا، استادن ۽ ڪيڊٽس کي حفاظت سان ريسڪيو ڪرڻ تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو.
ھن چيو تہ اسلام آباد جي عدالت ٻاھران دھشتگردي جو افسوسناڪ واقعو پيش آيو، شھيدن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آھيون.
ھن چيو تہ ملڪ ۾ دھشتگردي جي واقعن ۾ پرڏيھي ھٿ ملوث آھن، جعفر ايڪسپريس واقعي ۾ بہ ڀارت، پابندي مڙھيل بي ايل اي ۽ ٽي ٽي پي شامل ھئي………..