بغير نمبر پليٽ ۽ بغير لائسنس وارين گاڏين خلاف ڪريڪ ڊائون جو حڪم

فہرستِ مضامین

ڪراچي: آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين جو حڪم جاري ڪري ڇڏيو آھي، سندس چوڻ آهي تہ ڪراچي ۾ ڀتاخوري جا واقعا هاڻي نہ هئڻ برابر آهن.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ سنڌ هائيڪورٽ ڪراچي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته عدالتن جي سيڪيورٽي بابت خاص اجلاس گهرايو ويو هو ۽ اهڙيون گڏجاڻيون باقاعدگي سان ٿينديون رھنديون آهن.

هن چيو تہ پوليس ۾ افرادي قوت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ۽ ٽيڪنالاجي بنياد تي سيڪيورٽي جو نئون نظام تيار ڪيو پيو وڃي.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ اڳ ڀتي خوري جا ڪيترائي واقعا رپورٽ ٿيندا هئا، جنهن کي روڪڻ لاءِ سي آءِ اي جو خاص يونٽ قائم ڪيو ويو ۽ ان جي ڪارروائين سبب اهڙا ڪيس هاڻي نه هئڻ جي برابر ٿي ويا آهن.

آءِ جي سنڌ چيو تہ ڪراچي وڏو شهر آهي، هڪ به شڪايت گهڻي هاءِ لائٽ ٿي وڃي ٿي. سندس چوڻ هو ته ڀتي خوري جا واقعا ٿين ٿا پر پوليس فوري عمل ڪندي آهي، ڪيترائي ڀتي خور مقابلي ۾ مارجي ويا يا گرفتار ٿي وڃن ٿا.

آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو تہ هلندڙ سال لڳ ڀڳ 140 ڀتي خوري جا واقعا رپورٽ ٿيا، جن مان اڌ کان وڌيڪ ڪيس حقيقت ۾ ڀتي جا نه پر لين دين جا معمولي تڪرار هئا، جن کي ڀتي جو رنگ ڏنو ويو.

آءِ جي چيو تہ اهڙن واقعن ۾ پوليس کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي، مسئلو تڏھن پيدا ٿئي ٿو جڏھن وقت تي اطلاع نہ ڪيو وڃي.

آءِ جي سنڌ چيو تہ پوليس هر ممڪن ڪوشش ڪري ٿي تہ فوري رسپانس ڏنو وڃي ۽ اهڙن ڪيسن ۾ ترجيحي بنيادن تي ڪارروائي ڪئي وڃي.

هن چيو تہ حڪومت جو مقصد شهرين کي تحفظ جو احساس مهيا ڪرڻ آهي، جيڪو انهن واقعن جي خاتمي بعد ئي ممڪن آهي.

آءِ جي سنڌ غلام نمبر ميمڻ چيو ته بغير نمبر پليٽ گاڏين ۽ بغير لائسنس گاڏين خلاف ڪاررواين تيز ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن.

آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو تہ منشيات وڪڻندڙن جون فهرستون تيار ڪيون ويون آهن، جن مان 90 سيڪڙو جوابدار گرفتار ڪري جيل موڪليا ويا آهن.

هن چيو تہ منشيات وارن جوابدارن کي ضمانت ملڻ ۾ پوليس جي ڪردار جو پڻ جائزو ورتو پيو وڃي، جاچ کاتي کي هدايتون ڏنيون ويون آهن تہ ڪيسن کي مضبوط بڻايو وڃي.

اورنگي ٽائون ۾ مبينا ڦورو کي ساڙڻ واري واقعي بابت آءِ جي سنڌ جو چوڻ هو تہ پوليس کي وقت سر صحيح ريسپانس ڪرڻ گهرجي ها پر جڏھن پوليس پهتي تڏھن نقصان ٿي چڪو هو.

آءِ جي پوليس چيو تہ ڄاڻايل واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ چار جوابدار گرفتار ڪيا ويا آهن، جڏھن تہ ٻين جي سڃاڻپ بہ جاري آهي، قانون هٿ ۾ کڻندڙن خلاف قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں