بغداد ۾ آمريڪي سفارتخاني کي ڊرون ۽ راڪيٽ سان نشانو بڻايو ويو، جنھن کي تازي عرصي جو سڀ کان وڏو ۽ سخت حملو قرار ڏنو پيو وڃي.
پرڏيھي خابرو ادارن موجب عراقي سيڪيورٽي ذريعن ٻڌايو آھي تہ حملو ايترو شديد ھو جو ان کي تازي حملن ۾ سڀ کان وڏو حملو سمجھيو پيو وڃي.
پرڏيھي ميڊيا موجب حملي کان ڪجھ ڪلاڪ اڳ آمريڪي سفارتخاني جي عملي عراق ۾ موجود پنھنجي شھرين لاءِ سيڪيورٽي الرٽ جاري ڪيو ھو
الرٽ ۾ خبردار ڪيو ويو ھو تہ ايران سان ڳنڍيل عسڪريت پسند گروپ انٽرنيشنل زون بغداد کي نشانو بڻائي رھيا آھيا آھن
جڏھن تہ اڃا تائين حملي ۾ جاني يا مالي نقصان جا تفصيل سامھون ناھن اچي سگھيا، سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گھيري ھيٺ آڻي ورتو آھي…..