بزدار دور جي ڪرپشن تي جاچ ڪندڙ آفيسر خلاف ئي جاچ شروع

فہرستِ مضامین

پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار جي حڪومتي دور ۾ ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ آفيسر خلاف ئي جاچ شروع ڪئي وئي آھي.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ٿري عثمان بزدار دور ۾ ڪرپشن جي جاچ ڪندڙ جاچ آفيسر جي رپورٽ تي بي اعتمادي ظاھر ڪري ڇڏي.

جاچ آفيسر کي ڪميٽي طرفان طلب ڪيو ويو، پر هن موڪل وٺي پيش ٿيڻ کان معذرت ڪري ڇڏي، جنهن تي ڪميٽي سخت نوٽيس ورتو.

ڪميٽي ايڊيشينل چيف سيڪريٽري کي آفيسر جي موڪل تي وڃڻ جي جاچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ ڊاڪٽر فرح مسعود کي ٻيهر طلب ڪيو ويو آهي.

بزدار دور ۾ منڊي بهاوالدين جي ڊسٽرڪٽ هيلٿ اٿارٽي ۾ 00 ملين رپين جي مالي بي ضابطگي جي جاچ لاءِ ڊاڪٽر فرح مسعود کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو هو.

پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ٿري هاڻي ڊاڪٽر فرح مسعود جي جاچ تي به اعتماد نه ٿي ڪري.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں