لنڊن ( ڊبليو ٽي اين مانيٽرنگ ) برطانيہ پاران باضابطہ طور رياست تسليم ڪرڻ کانپوءِ برطانيا ۾ فلسطيني مشن جي عمارت کي سفارتخاني جو درجو ڏنو ويو ۽ ان تي فلسطين جو جھنڊو بہ ڦڙڪايو ويو آھي.
سينٽرل لنڊن ۾ فلسطيني مشن جي عمارت آڏو مشن کي سفارتخاني جو درجو ڏيڻ ۽ فلسطين جو جھنڊو ڦڙڪائڻ جي تقريب ٿي.
برطانيہ ۾ فلسطيني سفير حسام زملوط تقريب کي خطاب ڪندي چيو تہ مھرباني ڪري مون سان شامل ٿي فلسطين جو جھنڊو بلند ڪيو، جنھن جا رنگ اسان جي قوم جي نمائندگي ڪن ٿا، اڇو رنگ اسان جي اميد آھي، سائو رنگ اسان جي زمين ۽ ڳاڙھو رنگ اسان جي قوم جي قربانين لاءِ آھي.
ھن چيو تہ فلسطيني جھنڊو عوام جي آزادي ۽ انصاف جي ڊگھي جدوجھد جي اعزاز ۾ برطانيہ ۽ سموري دنيا جي انھن لکين ماڻھن جي اعزاز ۾بلند ڪيون ٿا، جيڪي آزادي سان محبت ڪن ٿا.فلسطيني سفير وڌيڪ چيو تہ ھي جھنڊو ان عزم سان ڦڙڪايون ٿا تہ فلسطين زندہ رھندو، فلسطين اڀرندو ۽ آزد ٿيندو.
برطانيہ ۽ جرمني اسرائيل کي خبردار ڪري ڇڏيو
فلسطين کي رياست تسليم ڪندڙ ملڪن جا اڳواڻ والاريل اولھ ڪناري جي انضمام جي پکيڙ روڪڻ لاءِ اسرائيل کي مسلسل خبردار پڻ ڪري رھيا آھن، گذريل ڏينھن برطانيا، ڪئناڊا، آسٽريليا ۽ پورچوگال فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ھو.
برطانيہ ۽ جرمني بہ اسرائيل کي اولھ ڪناري تي وڌيڪ علائقن تي قبضي کان خبردار ڪري ڇڏيو آھي، ان سلسلي ۾ جرمن حڪومت جي ترجمان چيو آھي تہ اسرائيل پاران فلسطيني سرزمين جو وڌيڪ انضمام نہ ٿيڻ گھرجي.
اسرائيلي انتھا پسند قومي سلامتي جي وزير ايتا مارگر بن گوير جو چوڻ آھي تہ ڪينيڊا، برطانيہ ۽ آسٽريليا طرفان فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ واور مامرو ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ اٿاريو ويندو.
ان کان اڳ ھلندڙ مھيني جي شروعات ۾ اسرائيل جي ناڻي واري وزير بيزليل اسموٽريچ اولھ ڪناري 82 سيڪڙو علائقن کي ضم ڪرڻ جي تجويز پيش ڪئي ھئي.
غزا تي اسرائيلي حملا
قطري خابرو اداري غزا جي صحت واري وزارت جو حوالو ڏيندي ٻڌايو تہ اسرائيل جا فلسطين تي حملا جاري آھي، اڄ وڌيڪ 29 فلسطيني شھيد ٿي ويا، جن مان 25 جو واسطو غزہ سان ھو، گذريل 24 ڪلاڪن ۾ شھيدن جو انگ 61 ٿي ويو.
غزہ جي صحت واري وزارت موجب 7 آڪٽوبر 2023 تي غزا تي مڙھيل اسرائيلي جنگ ۾ ھيل تائين مجموعي طور تي 65 ھزار 344 فلسطيني شھيد ۽ ھڪ لک 66 ھزار 795 زخمي آھن.