سنڌ ۾ ڪائونٽر ٽيررزم ڊپارٽمينٽ (سي ٽي ڊي) مئي دوران بدين ضلعي ۾ هڪ شخص جي قتل جي ڪيس ۾ 6 جوابدارن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ اِها دعويٰ ڪئي آهي ته واقعي ۾ انڊين ڳجهي ايجنسي ايجنسي ’را‘ ملوث هئي.
سي ٽي ڊي موجب 18 مئي تي ماتلي ۾ موٽرسائيڪل سوار ٽن جوابدارن پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ جي عهديدار رضا الله نظاماڻي کي ان وقت فائرنگ ڪري قتل ڪيو، جڏهن هو حجام جي دڪان مان وار ڪٽائي ٻاهر نڪري رهيو هو.
ڇنڇر تي سي ٽي ڊي جي ايڊيشنل انسپيڪٽر جنرل (اي آءِ جي) آزاد خان پريس ڪانفرنس ۾ ’را جي ڳجهي نيٽورڪ‘ کي وائکو ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي، هن چيو ته “18 مئي 2025 تي ماتلي ۾ هڪ بيگناهه شهري جو قتل ٿيو، جيڪو علائقي ۾ فلاحي ڪمن جي حوالي سان سڃاتو ويندو هو.”
واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ٽن جوابدارن کي ڏسي سگهجي ٿو، اکين ڏٺن شاهدن به کين ڏٺو، جڏهن ته واقعي کان فوري پوءِ انڊين ميڊيا هن ٽارگيٽ ڪلنگ تي انتهائي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ اِها واويلا شروع ڪئي ته ”هنن پاڪستان ۾ پنهنجي دشمني کي ٽارگيٽ ڪيو آهي.”
سي ٽي ڊي موجب جاچ دوران انڪشافو ٿيو ته قتل جي رٿابندي ”سنجي سنجيو ڪمار عرف فوجي“ ڪئي، جيڪو را سان واڳيل آهي ۽ نار رياست ۾ رهائش پذير آهي.
سي ٽي ڊي جو الزام آهي ته ”را“ شيخوپورا واسي سلمان ورڪ کي ڀرتي ڪيو، جنهن محمد عمير ورڪ نالي شهري سان رابطو ڪيو، جيڪو هن سڄي واردات جو ڪمانڊر هو، عمير، شڪيل احمد، محمد سجاد ۽ محمد عبيد نالي شهرين ذريعي رقم ورهائي.
رضا الله نظاماڻي کي مارڻ پٺيان پلاننگ
آزاد خان ٻڌايو ته گرفتار جوابدار سنجي ڪمار سان رابطي ۾ هئا، محمد ارسلان نالي پاڪستاني شهري نار رياست ۾ سنجي ڪمار سان مليو ۽ ارسلان ئي قتل لاءِ ٽيم کي سموري معاشي ۽ لاجسٽڪ مدد فراهم ڪئي.
اي آءِ جي دعويٰ ڪئي ته ’جوابدارن پنج ڏينهن تائين ماتلي ۾ وڃي هن واردات جي ريڪي ڪئي ۽ واردات واري ڏينهن شڪيل، عبيد ۽ سجاد ٽيئي ماتلي روانا ٿيا، انهن اتي ٽارگيٽ ڪلنگ ڪئي ۽ عمير ۽ سلمان حيدرآباد ۾ هڪ هوٽل ۾ ترسيا، جتان هو واردات کي هينڊل ڪندا رهيا.
سي ٽي ڊي جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري کانسواءِ واردات ۾ استعمال ٿيل 2 پسٽل (نائين ايم ايم ۽ ٿرٽي بور)، ون ٽو فاءِ موٽرسائيڪل ۽ موبائل فونز به هٿ ڪيا ويا آهن.
ڀارتي اختيارين هن معاملي تي اڃا تائين ڪو تبصرو ناهي ڪيو پر ماضي ۾ اهڙن الزامن جي ترديد ڪنديون رهيون آهن
رضا الله نظام جي قتل بابت هيل تائين ڪهڙي خبر پئي آهي؟
اها آچر جي ڏينهن جي ڳالهه هئي ۽ لڳ ڀڳ 2 وڳي جو وقت هو، بدين جي ماتلي تعلقي ۾ هڪ شخص حجام جي دڪان مان وار ڪٽائي نڪري رهيو هو، جيئن ٻاهر بيٺل پنهنجي آلٽو گاڏي ۾ ويهي رهيو هو ته دروازو کولڻ وارو ئي هو ته هڪ ون ٽو فاءِ موٽرسائيڪل تي سوار ٽن هٿياربندن جن چهري تي ماسڪ پاتل هئا، اتي پهتا، انهن مان ٻن پنهنجي پسٽلز ڪڍيون ۽ حجام جي دڪان مان ٻاهر ايندڙ شخص تي فائرنگ ڪري کيس قتل ڪيو ۽ فرار ٿي ويا.
واقعي کانپوءِ ماڻهن جو وڏو انگ اُتي پهتو ۽ جلد ئي مقتول جي سڃاڻپ مشهور سياسي ۽ سماجي شخصيت‘ رضا الله نظاماڻي طور ٿي وئي، هن واقعي کانپوءِ مقامي ماڻهن ڪجهه ويڊيوز به ٺاهيون، جن ۾ گولين سان زخمي ٿيل هڪ شخص کي زمين تي پيل ڏسي سگهجي ٿو، پر ڊبليو ٽي اين آزاد ذريعن کان انهن ويڊيوز جي تصديق نه ڪري سگهيو آهي.
رضا الله جي مارجڻ تي ڀارتي ميڊيا ۾ جشن

ماتلي جي رهواسين کي صرف ايترو معلوم هو ته قتل ٿيڻ وارو شخص سياسي جماعت پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ جو مقامي عهديدار هو، هن واقعي کان ٿوري ئي دير پوءِ ڀارتي ميڊيا تي خبرون هلڻ لڳيون، جن ۾ الزام هنيو ويو ته پاڪستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم لشڪر طيبه جو هڪ وڏو ڪمانڊر قتل ڪيو ويو آهي.
رضا الله نظاماڻي جي وڏي ڀاءُ قادر بخش ٻڌايو ته پهرين مئي تي به ڪجهه اڻڄاتل هٿياربند سندس ڀاءُ جي پٺيان لڳا هئا، جنهن بعد پوليس ۾ شڪايت به داخل ڪرائي وئي هئي.
قادر بخش موجب ’ان ئي سبب ڪري پوليس ڀاءُ کي گارڊ به ڏنا هئا، جيڪي هميشه ساڻس گڏ رهندا هئا، جڏهن اهو واقعو پيش آيو، تڏهن به اهي گارڊ ڪنهن نه ڪنهن پاسي ۾ موجود هئا.
قادر بخش ٻڌايو ته سندس ڀاءُ جو اصل نالو عبدالرحمان هو ۽ کيس پيار سان رضا الله سڏيو ويندو هو،هن چيو ته سندس ڄاڻ موجب سندس ڀاءُ جو تعلق ڪنهن ڪالعدم تنظيم سان نه هو.
بدين جي سينيئر سپرنٽنڊنٽ آف پوليس (ايس ايس پي) قمر رضا جسڪاڻي تصديق ڪئي ته ٽن جوابدارن ماڻهن رضا الله نظاماڻي کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو آهي،
جڏهن ڀارتي ميڊيا تي هلندڙ خبرن بابت، جن ۾ الزام هنيو پيو وڃي ته رضا الله نظاماڻي مبينا طور پابندي مڙهيل لشڪر طيبه جو ڪمانڊر هو، ايس ايس پي قمر رضا کان پڇيو ويو ته هُن چيو ته هن قتل جي مختلف پاسن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ في الحال اهو نه ٿو چئي سگهجي ته مقتول ماضي ۾ ڪنهن گروهه يا تنظيم سان واسطو رکندو هو.
ايس ايس پي قمر رضا جسڪاڻي موجب شروعاتي جاچ ۾ اهو سامهون آيو آهي ته مقتول زراعت جي شعبي سان لاڳاپيل هو.
بدين پوليس ۾ ڊي ايس پي آفيس جي اهلڪار محمد رياض ٻڌايو ته واقعي جي ايف آءِ آر اڃا تائين داخل نه ڪرائي وئي آهي، کين مقتول جي ڀائرن طرفان ٻڌايو ويو آهي ته هو جلد ئي ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پوليس وٽ ايندا.
هن جو چوڻ هو ته پوليس پوري علائقي ۾ سي سي ٽي وي فوٽيج جو جائزو وٺي رهي آهي ۽ تمام جلد جوابدارن تائين پهچي ويندي، مقامي پوليس موجب مقتول جي پوسٽ مارٽم کانپوءِ سندس لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، جنهن بعد ساڳئي رات سندس تدفين ڪئي وئي.
رضا الله نظاماڻي ڪير هو؟
ٻئي پاسي پاڪستان مرڪزي مسلم ليگ (پي ايم ايم ايل) جو چوڻ آهي ته رضا الله نظاماڻي انهن جي جماعت سان لاڳاپيل هو ۽ تعلقه ماتلي جو نائب صدر هو.
بي بي سي موجب، ياد رهي ته پي ايم ايم ايل گذريل سال پاڪستان ۾ عام چونڊن ۾ به حصو ورتو هو، هن تنظيم جي پليٽفارم تان جن اميدوارن مختلف شهرن مان چونڊن ۾ حصو ورتو، انهن مان ڪجهه ماڻهو ماضي ۾ حافظ سعيد جي ڪالعدم تنظيمن جماعت الدعوه يا لشڪر طيبه سان لاڳاپيل رهيا هئا يا وري حافظ سعيد جا مٽ مائٽ هئا.
ماضي ۾ پي ايم ايم ايل جماعت الدعوه يا لشڪر طيبه سان پنهنجي ڪنهن به لاڳاپي جي ترديد ڪري چڪي آهي.
پي ايم ايم ايل جي سنڌ ۾ ترجمان طحهٰ منيب، رضا الله نظاماڻي جي ڪشمير ۾ عسڪريت پسندي ۾ ملوث هجڻ جي ترديد ڪن ٿا.
ترجمان ٻڌايو ته رضا الله تعلقه ماتلي ۾ سندن جماعت جو نائب صدر هو ۽ سندس اباڻو ڳوٺ ماتلي شهر کان پنج يا ڇهه ڪلوميٽر پري واقع آهي.
هن چيو ته: رضا الله نظاماڻي کي عسڪريت پسندي يا دهشتگردي سان ڳنڍڻ ڀارتي ميڊيا جي ڪوڙي واويلا آهي.
هڪ پوليس اهلڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته رضا الله نظاماڻي جي جان کي خطرا هئا ۽ کيس ڪجهه وقت اڳ سيڪيورٽي به فراهم ڪئي وئي هئي.
طهٰ منيب به مقتول کي سيڪيورٽي ڏيڻ جي تصديق ڪندي چيو ته: ’سڄو پاڪستان انڊيا جي هٽ لسٽ تي آهي ۽ اسان جي جماعت سان ته انڊيا کي ويٺي ئي وڌيڪ مسئلو آهي.