بدين ۾ آبادگارن جو ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو، سارين جو مناسب اگھ نہ مليو تہ تحريڪ ھلائينداسين: چتاءُ

فہرستِ مضامین

بدين   ۾ آبادگارن کي سارين جو مناسب اگھ نہ ملڻ خلاف ھاري آبادگار تحريڪ جي سڏ تي ڌرڻو ھنيو ويو.

عزيز ڏيرو، ايس ٽي پي ضلعي صدر شاھنواز سيال، بار ايسوسيئيشن جي جنرل سيڪريٽري امير آزاد پنھور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويو.

ان موقعي تي ميديا سان ڳالھائيندي احتجاج ڪندڙن جو چوڻ ھوتہ ھن وقت تائين آبادگارن جو سارين جو مناسب اگھ ناھي ملي سگھيو.

سندن چوڻ ھو تہ ھو ڪيتري ئي عرصي کان احتجاج ڪن پيا پر ڪنھن بہ ڪن تي جوءِ نٿي چُري.

ھنن چيو تہ سارين جو مناسب اگھ نہ ملڻ سبب آبادگارن جو معاشي قتل ٿي رھيو آھي.

احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو تہ آبادگارن کي سارين جو مناسب اگھ ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ سڄي ضلعي ۾ شٽربند ھڙتال ڪئي ويندي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں