بدين ويجھو قتل ٿيل ھاري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن طرفان احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو.
زميندار ھٿان قتل ٿيل ھاري ڪيلاش ڪولھي جي وارثن، سياسي سماجي اڳواڻن ۽ علائقي واسين طرفان قومي شاھراھ تي ڌرڻو ھنيو ويو.
ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالھائيندي اڳواڻن چيو تہ پوليس ھاري جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ 24 ڪلاڪن جي مھلت گھري ھئي، پر ھن وقت 4 ڏينھن گذري چڪا آھن.
سندن چوڻ ھو تہ 4 ڏينھن گذري وڃڻ باوجود پوليس جوابدار کي گرفتارناھي ڪري سگھي.
ھنن چيو تہ پوليس جوابدار سرفراز نظاماڻي خلاف ھن وقت تائين ڪا بہ ڪارروائي ناھي ڪري سگھي.
اڳواڻن جو چوڻ ھو تہ ھو مسلسل سراپا احتجاج آھن، پر پوليس رڳو مھلت گھري رھي آھي. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو تہ جوابدار کي گرفتارڪري کين انصاف فراھم ڪيو وڃي.