بدين: سولر پليٽ جي چوري تان جوابدار جي نماز پڙھي نڪرندڙ نوجوانن تي فائرنگ، ھڪ قتل، ٻيو زخمي

فہرستِ مضامین

بدين ( رپورٽ: اختر کوسو ) بدين ويجھو سولر پليٽ جي سولر پليٽ جي چوري تان  جوابدار فائرنگ ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو.

لنواري شريف جي ڳوٺ اشرف آباد ۾جوابدار مسجد مان نماز پڙھي موٽندڙ ٻن ڄڻن تي فائرنگ ڪري ڏني، جنھن جي نتيجي ۾ 2 نوجوان زخمي ٿي پيا.

فائرنگ جي نتيجي ۾ 2 نوجوان اياز علي پٽ الھڏنو ڪلھوڙو ۽ نعمان ڪلھوڙو زخمي ٿي پيا، جن کي بدين جي انڊس اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي نوجوان اياز علي ڪلھوڙو دم ڏئي ڇڏيو، جڏھن تہ زخمي جو علاج ھلندڙ آھي.

پوليس جو چوڻ آھي تھ  ڪلھوڙو برادري جي ٻن ڌرين ۾ اسپتال مان سولر پليٽ جي چوري تان تڪرار ھلندڙ ھو، اڄ جوابدار ببلو پٽ طارق ڪلھوڙو مسجد مان نماز پڙھي نڪرندڙ نوجوانن تي فائرنگ ڪئي.

پوليس موجب فائرنگ ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آھي، جڏھن تہ مارجي ويل نوجوان جو لاش ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں