بدنام ڌاڙيل رجب جتوئي سرينڊر ڪري ڇڏيو، ” اِھو الميو آھي تہ ٻارڙا ڏوھارين کان متاثر ٿي ھٿيار کڻن“.

فہرستِ مضامین

سکر پوليس دعويٰ ڪئي آھي تہ باگڙجي جي ڪچي ۾ آپريشن دوران مارجڻ جي ڊپ کان بدنام ڏوهاري رجب عرف رجو جتوئي ۽ نورنگ جتوئي هٿيار ڦٽا سرينڊر ڪري ڇڏيو آھي.

ايس ايس پي سکر اظھر مغل پريس بريفنگ ۾ ٻڌايو تہ “ان کان وڏو الميو ٻيو ڪھڙو ٿي سگھي ٿو تہ معصوم ٻارڙا ڌاڙيلن کان متاثر ٿي پنھنجي ڪلھي تي ڪلاشنڪوف کڻي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاھين، اسان کي اِنھن ٻارڙن جو مستقبل بچائڻو پوندو، سندن ڪائونسلنگ (ذھن سازي) ڪرڻي پوندي.

ياد رھي تہ گھوٽڪي، شڪارپور، ڪنڌڪوٽ _ڪشمور ۽ ٻين ضلعن جي ڪچي وارن علائقن ۾ پوليس ۽ رينجرز جا گڏيل آپريشن جاري آھن، مختلف وقتن تي دعوائون ڪيون وينديون آھن تہ  ڌاڙيلن جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي اٿئون يا وري اِھا بہ دعويٰ ڪئي ويندي آھي تہ بدنام ڌاڙيل مارجي ويو، پر لاش ھٿ نہ آيو، مختلف وقتن تي اُھي ئي ڌاڙيل وارداتن ۾ ملوث ھجڻ جو انڪشاف ٿيندو رھيو آھي.

ڊورن حملن ۾ ڌاڙيلن بدران عام ماڻھو مارجن ٿا؟

گھوٽڪي جي رائونتي واري علائقي ۾ پوليس ۽ رينجرز جي آپريشن دوران بدنام ڌاڙيل مارڻ توڙي جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي ويندي آھي، جڏھن تہ مقامي ماڻھن جو الزام آھي تہ پوليس جي ڊرون ٽيڪنالاجي فيل آھي، ڊرون حدف کي ٽارگيٽ بڻائڻ کان اڳ ئي مقامي ماڻھن جي گھرن تي ڪري پون ٿا، جنھن جي نتيجي ۾ انساني جانيون ضايع ٿي رھيون آھن، جڏھن تہ پوليس اِن موقف جي ترديد ڪندي آھي.

ايس ايس پي سکر اظھر مغل موجب ڏوهاري رجب عرف رجو جتوئي ۽ نورنگ جتوئي اغوا، قتل، ڀتا خوري، پوليس مقابلن توڙي پوليس اهلڪار خاوند بخش انڍڙ جي قتل ۾ پڻ ملوث هئا.

اظھر مغل ٻڌايو تہ هن وقت تائين ڏوهي وارداتن ۽ ذاتي جهيڙن ۾ ملوث 25 جوابدار سرينڊر ڪري چڪا آهن، جيڪي ڏوهاري سرينڊر ڪندا ان کي قانوني مدد فراهم ڪئي ويندي، سرينڊر نه ڪندڙ ڏوهارين خلاف آپريشن جاري رهندو.

ايس ايس پي اظهر مغل باگڙجي ڪچي ۾ صحافين کي ٻڌايو تہ ٻن هفتن کان باگڙجي ڪچي ۾ آپريشن ڪيو پيو وڃي، ڪشمير جتوئي عرف ڪشو جتوئي جي گينگ سرگرم آھي، اِن گينگ جو سربراھ گهوٽڪي، شڪارپور ۽ خيرپور جي ڏوهارين کي پناه ڏيندو رهيو آهي.

گهوٽڪي ۾ آپريشن سبب اتان جي ڏوهارين هتي اچي پناه ورتي ان ڪري هتي گڏيل آپريشن شروع ڪيو آهي، جنھن دوران 30 ڌاڙيل زخمي ٿيا آهن ۽ پنج ڏوهاري مارجي ويا، جن جا لاش مليا آهن، 25 ڏوهارين ۽ ذاتي جهيڙن ۾ ملوث جوابدارن سرينڊر ڪيو آهي.

ڌاڙيل ڀتو گھرندا آھن ۽ واپاري ڏئي بہ ڇڏيندا آھن

ايس ايس پي سکر ٻڌايو تہ ڪشمير عرف ڪشو جتوئي ۽ رحيم بخش عرف رحيمون ڦلپوٽو واپارين کان ڀتو وصول ڪندا رهيا آهن، اسان ڪجھ ڏينھن اڳ ڪشمير جتوئي تي حملو ڪيو جنهن ۾ ڪشمور جا ڏوهاري به مارجي ويا هئا، ڪشو جتوئي وٽ 60 کان 70 ڏوهارين جو ٽولو آهي، رجب عرف رجو جتوئي ٽولي جا ٿاڪ تباھ ڪيا آهن.

ڌاڙيل مقامي رهواسين کي زمين آباد ڪرڻ نه ڏيندا هئا، هاڻي ماڻهو آرام سان زراعت ڪندا آھن، جڏھن تہ ڏوهاري آبادگارن کان به ڀتو وٺندا هئا.

سکر مان اغوا ڄاڻايل معصوم نياڻي پريا ڪماري بابت سوال تي ايس ايس پي سکر ٻڌايو تہ پريا ڪماري گهوٽڪي، ڪشمور ۾ جنهن به ٽولي وٽ هوندي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.

صحافي جان محمد مھر جي قتل ڪيس بابت سوال تي اظھر مغل ٻڌايو تہ شهيد جان محمد مهر جو مک جوابدار مارجي ويو آهي، باقي جوابدارن جي گرفتاري لاءِ جلد سٺي خبر ملندي، سهولتڪارن جي پوري لسٽ آهي، انهن خلاف آپريشن به جاري آهي.

مھر ۽ جتوئي سميت جھيڙيندڙ ڌرين کي کُليل پيغام

ايس ايس پي اظھر مغل پريس بريفنگ دوران صحافين کي ٻڌايو تہ اِھو اسان سڀني لاءِ الميو ۽ غور فڪر ڪرڻ جي ڳالھ آھي تہ معصوم ٻارڙا ڌاڙيلن مان متاثر ٿي ڪلھي تي ڪلاشنڪوف کڻي ٽڪ ٽاڪ وڊيوز ٺاھي رھيا آھن، اسان کي پنھنجي ٻارڙن جو مستقبل بھتر ڪرڻوپوندو، انھن جي ڪائونسلنگ ڪرڻي پوندي.

ايس ايس پي مھر ۽ جتوئي سميت جھيڙيندڙ ڌرين کي کُليل پيغام ڏنو تہ ٺاھ ڪن، نہ تہ اھڙي مار پوندي جو ياد رکندا. ياد رھي تہ شڪارپور ضلعي ۾ مھر جتوئي تڪرار سبب ھيل تائين گھوٽ سميت 50 کان وڌيڪ ماڻھو مارجي چڪا آھن، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب ايس ايس پيز کي گڏ وٺي مھر سردارن، شر برادري جي چڱن مڙسن وٽ ويو ھو ۽ کين جھيڙا ختم ڪرائڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ جي درخواست سان گڏ کين وارننگ بہ ڏني ھئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں