بدنام ڏوھاري تنوير انڍڙ ۽ ظفر جھميل بہ پنجاب پوليس آڏو سرينڊر ڪري ڇڏيو آھي.
ڊي پي او رحيم يار خان عرفان سمون جو چوڻ آھي تہ تنوير انڍڙ تي هڪ ڪروڙ رپيا ۽ ظفري جھميل تي 50 لک رپيا انعام مقرر هو.
ھن چيو تہ ڪچي واري علائقي ۾ هاڻي ڪا بغ منظم گينگ باقي ناھي رھي.
سندس چوڻ ھو تہ ٻئي ڏوھاري اينٽي ايئرڪرافٽ گن سميت پيش ٿيا آھن.
سندس چوڻ ھو تہ پوليس جي آپريشن کانپوءِ ڏوھاري ھٿيار ڦٽا ڪري رھيا آھن.