تحرير يوسف جوکيو
نامياري محقيق بدر ابڙو جج جو پٽ ھجڻ باوجود حيدرآباد ۾ رڪشا ڇو ھلايو؟
ڪيترن ئي ماڻھن کي شايد ان ڳالھ جي خبر نه ھجي ته سنڌ جي ناليواري لکاري، صحافي، لغت نويس ۽ محقق بدر ابڙو پنھنجي جواني ۽ شاگرديءَ وارن ڏھاڙن ۾ حيدرآباد ۾ رڪشا به ھلايو ھو.
بدر ابڙو پنھنجي آتم ڪٿا تي ٻڌل ڪتاب “جوڳي ٿي جياس” ۾ پنھنجي جواني واري دور جون ڪيتريون ئي دلچسپ ساروڻيون پڙھندڙن سان شيئر ڪيون آھن.
بدر ابڙو صاحب جو والد جمال ابڙو برک ڪھاڻيڪار سان گڏ ھڪ جج به ھو، جج جو پٽ ھجڻ باوجود بدر ابڙو کي حيدرآباد جي لطيف آباد واري علائقي ۾ رڪشا ھلائڻ جي ضرورت ڇو محسوس ٿي؟
“جوڳي ٿي جياس” ۾ بدر ابڙو صاحب ان سوال جو جواب ڏيندي ٻڌائي ٿو ته سندس والد جمال ابڙو کي حيدرآباد ۾ پوسٽنگ دوران دل جي تڪليف ٿي پئي ھئي، “بابا کي ڳڻتي ھئي ته سندس وڃڻ کانپوءِ منھنجو ڇا ٿيندو، ان ڪري ھن ھڪ رڪشا واري جي حوالي ڪيو ته جيئن رڪشا ھلائڻ سکي وٺان.”
”رڪشا ھلائڻ دوران منھنجي ميس مري وئي“
بدر ابڙو لکي ٿو ته: ” ھڪ ڀيري شايد موڪل جو ڏينھن ھو. گھر تي ھڪ رڪشا وارو آيو. بابا مون کي سندس حوالي ڪيو. رڪشا ھلائڻ ڏکي نه ھئي، بس ان جي ڪِڪِ ڏکي ھئي، ھٿ نڪري ويو ته ٺونٺ وڃي رڪشا جي ميٽر ۾ لڳندي، جنھن ۾ ڀاڙو نظر ايندو آھي..۽ ھا! موڙ ڪٽڻ مھل رفتار صفا گھٽ رکبي ته رڪشا ڪلٽي نه ٿيندي.”
بدر ابڙ رڪشا سکڻ ۽ ھلائڻ بابت ساروڻيون ساريندي وڌيڪ لکي ٿو ته: “رڪشا ۾ فقط ھڪ خرابي آھي، پلڪ ۾ ڪچرو اچڻ. پلڪ صاف ڪرڻ وڏي خفي جو ڪم ھو.”
ھو وڌيڪ لکي ٿو ته: “ھي رڪشا ڪلاس منھنجي تربيت جو ھڪ اھم باب ھو، جنھن ۾ منھنجي ميس مري وئي! متان آئون سمجھان ته جج جو پٽ آھيان، ۽ رڪشا ھلائڻ ڪا گھٽتائي آھي. بابا چاھيو پئي ته خدانخواسته ڪنھن ايمرجنسي جي صورت ۾ آئون گھر لاءِ گذر سفر ڪري سگھان. وڏو جو ھئس.”
لنڊا بازار مان ڪپڙن جي پھرين خريداري

بدر ابڙو ”جوڳي ٿي جياس“ ۾ ٻڌائي ٿو ته ھن پنھنجي شاگرديءَ واري دور ۾ لنڊا بازار مان پھرين خريداري 1967-1968 ڌاري ڪئي ھئي، ان وقت ۾ حيدرآباد ۾ چڱا سيءَ پوندا ھئا.
“مون سيڪنڊ ھينڊ جو ڪپڙو تڏھن پاتو جڏھن ماڊل اسڪول ۾ ھئس. سيارو آيو ته مير صاحب علي مدد خان جيپ ڪاھي آيو. بابا ۽ اسان کي تلڪ چاڙھيءَ کان مٿي سري گھاٽ وٺي ويو. اتان ئي حيدرآباد جي شاھي بازار شروع ٿئي ٿي، اتي پٺاڻن جا ھڪ يا ٻھ دڪان ھئا جيڪي جئڪيٽن ۽ ڪوٽن سان سٿيل ھئا.”
ھو وڌيڪ لکي ٿو ته ڪراچي منتقل ٿيڻ بعد اتي به سيڪنڊ ھينڊ بازار مان خريداري جو سلسلو جاري رھيو. بدر ابڙو وڌيڪ لکيو آھي ته سيڪنڊ ھينڊ بازار مان وڪيل توڙي جج صاحبان به وڪيلن ذريعي ڪوٽ خريد ڪندا ھئا.
بدر ابڙو ڪتاب ۾ وڌيڪ لکيو آھي ته: ”جڏھن بابا به ڪنھن وڪيل ھٿان لائيٽ ھائوس وٽان ڪوٽ گھرائي پاتو ته اسان جي جھجھڪ به ختم ٿي وئي.“
’فرسٽ ايئر ۾ فيل ٿيڻ تي بابا ٽرانسپورٽر حوالي ڪيو
بدر ابڙو صاحب پنھنجي آتم ڪٿا ۾ ٻڌائي ٿو ته سندس مٿي تي فائن آرٽس جو ڀوت سوار ھو پر ان ۾ داخلا لاءِ والد کي قائل نه ڪري سگھيس ۽ فزڪس، ڪيمسٽري ۽ بائلاجي تي ڌيان نھ ڏئي سگھڻ سبب فرسٽ ييئر سائنس ۾ بري طرح ناپاس ٿيس.
ھو ٻڌائي ٿو ته فرسٽ ييئر ۾ ناپاس ٿيڻ تي ”بابا مون کي پنھنجي دوست سيٺ يوسف ٻنڌاڻيءَ جي حوالي ڪري ڇڏيو. سيٺ يوسف ٽرانسپورٽر ھو، سندس پيءُ حاجي فتح محمد ٻنڌاڻيءَ جون بسون ۽ ٽرڪون ھلنديون ھيون. پيءُ جي رٽائر ٿيڻ بعد يوسف ڀائي ڪم سنڀاليو.“
بدر ابڙو ساروڻين ۾ لکي ٿو ته ”جڏھن ڪم سکي ويس ته يوسف سيٺ مون کي پنھنجي گاڏي وٺي روٽ تي وجھڻ جي صلاح ڏني، ھي سال 1971 ھو، سپر ھاءِ وي اڃا ٻه سال اڳ ٺھيو ھو.“
بدر ابڙو ٻڌائي ٿو ته ان دور ۾ جاپان جي اسوزو Isuzu ڪمپني پاڪستان ۾ نئين آئي ھئي ۽ ان جي تيار ٿيل بس نقد ادائگي جي صورت ۾ 80 کان 90 ھزار روپين ۾ ملندي ھئي ۽ قسطين تي وٺڻ جي صورت ۾ ان جي قيمت ھڪ لک 20 ھزار روپيا ھئي.
ناليوارو محقق ساروڻين ۾ ٻڌائي ٿو ته : ”اسان وٽ 20 ھزار روپيا به نه ھئا، ان وقت ڊالر جي قيمت پوڻا پنج رپيا ھئي، بابا اسان جي وڏي پڦيءَ کان قرض کنيو ۽ مون حيدرآباد جي مشھور دائود پٺاڻ کان بس قسطن تي ورتي، جيڪا راولپنڊي ۾ رجسٽر ٿيل ھئي.“
بدر ابڙو ٻڌائي ٿو ته حيدرآباد کان ڪراچي روٽ تي اھا بس ھلائڻ بعد ھو روز کيسا ڀري بينڪ ۾ جمع ڪرائيندو ھو. بدر ابڙو کي پئسا ڪمائي ڏيندڙ اھا بس ملڪ جي تبديل ٿيندڙ سياسي صورتحال ۽ حالتن سبب کپائڻي پئي.
بدر ابڙو ڪير آھي؟
19 ڊسمبر 1953 تي لاڙڪاڻي ۾ جنم وٺندڙ بدر ابڙو برک ڪھاڻيڪار جمال ابڙو جو فرزند ۽ علامھ علي خان ابڙو جو پوٽو آھي.
ھن ڪراچيءَ مان بي ڪام جي ڊگري حاصل ڪئي. ادبي گهراڻي سان تعلق سبب 1973 کان ھن مختصر ڪھاڻيون لکڻ جي شروعات ڪئي.
1980 ۾ ضياءَالحق جي مارشل لا واري عرصي ۾ ڪميونسٽ پارٽيءَ خلاف ڪريڪ ڊائون دوران بدر ابڙو کي سندس دوستن پروفيسر جمال نقوي، ڪامريڊ امر لال، سھيل سانگي، شبير شر ۽ ڪمال وارثيءَ سميت گرفتار ڪيو ويو.
سندن خلاف فوجي عدالت ۾ ڪيس هليو، جيڪو ”ڄام ساقي“ ڪيس جي نالي سان مشھور ٿيو، ان ڪيس ۾ محترمه بينظير ڀٽو، خان ولي خان، مولانا شاھ محمد امروٽي جھڙا سياستدان ۽ شخصيتون سندن دفاع ۾ شاھد طور پيش ٿيا.
بدر ابڙو چئن سالن تائين جيل ياترا به ڪئي ۽ کيس ايمنسٽي انٽرنيشنل پاران ضمير جو قيدي قرار ڏنو ويو، آزاديءَ بعد ھن صحافت جو پيشو اختيار ڪيو، ھن ادب، تاريخ، درياھ ۽ سير سفر تي ڪيترائي ڪتاب لکيا.
بدر ابڙو آرٽس ڪائونسل مان مجسمي سازي جو ڪورس ڪيو ۽ ڪراچي ۾ پھرين پوزيشن ماڻي، 1986 ۾ ھن سنڌ جي سرموڙ شاعر شاھ عبداللطيف ڀٽائي جو خيالي مجسمو به ٺاھيو.
بدر ابڙو 1989 ۾ ڪابل نديءَ کان ڪراچي تائين ٻيڙين ذريعي سنڌو درياھه جو سفر ڪيو ۽ لڳ ڀڳ سمورو کير ٿر ڏسڻ کانپوءِ ان تي ڪتاب به لکيو. ھن آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ڪراچي ۾ پراجيڪٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪندي انگلش سنڌي ڊڪشنرين جي تياريءَ ۾ به اھم ڪردار ادا ڪيو.
“گورڪي جي ناول جي ڪردار جھڙي منھنجي ماءُ ”
بدر ابڙو کاٻي ڌر جي ماڻھن سان واڳيل ھئڻ ۽ پنھنجن نظرين جي ڪري جيل ۽ قيد و بند جون مصيبتون به ڀوڳيون، ھو آتم ڪٿا ۾ پنھنجي امڙ کي ڀيٽا پيش ڪندي کيس مھا ايشوري قرار ڏئي ٿو، جنھن جو ھٿ ھر وقت آشيرواد جي صورت ۾ کڄيل ھوندو آھي.
ھو لکي ٿو ته: ”امان جڏھن به مون سان جيل تي ملڻ آئي، ھوءَ ڪو نھ رُني، سندس چھري تي پريشاني سان گڏ ھلڪي مرڪ ھوندي ھئي، ڄڻ چوندي ھجي، “ڏس! آئون پريشان ڪو نھ آھيان، متان سمجھين ته مايوس آھيون!“
بدر ابڙو لکي ٿو ته ”منھنجي امڙ عام سنڌي ماءُ ھئي. بلڪل گورڪيءَ جي ناول ۾ پاويل جي ماءُ وانگر سڌي سادي! ھن کي سياست جي بس ايتري خبر ھئي ته ذوالفقار علي ڀٽو پيپلزپارٽيءَ جو عوامي اڳواڻ ھو جيڪو وزيراعظم به ٿيو پر جنرل ضياءُ الحق ھن کي ڦاسي ڏئي ڇڏي ھئي. اھو ئي ضياءُ الحق جنھن اسان کي گرفتار ڪرايو آھي.“
ھو وڌيڪ لکي ٿو ته امان جڏھن پھريون ڀيرو مون سان جيل تي ملڻ آئي ھئي ته قسم وڌو ھئائين ته ڪيس جي ٻين ساٿين کان پري رھان، خاص ڪري ڄام ساقيءَ سان ته اصل نھ ڳالھايان، جيڪو سندس خيال ۾ حڪومت جي نظر ۾ سڀني کان وڌيڪ خطرناڪ ھو.
ھو ٻڌائي ٿو ته عدالت ۾ پھرين پيشيءَ دوران جڏھن ڄام ساقي امان کي پيرن تي ھٿ رکي مليو ۽ سندس ھٿ زوريءَ پنھنجي مٿي تي رکي آشيرواد ورتو ته امان جا خيال ئي بدلجي ويا. ھاڻي نھ رڳو ڄام ساقي پر شبير شر، ڪمال وارثي، سھيل سانگي ۽ امر لال به ھن جا پٽ بڻجي ويا.
بدر ابڙو وڌيڪ لکي ٿو ته امان منھنجي انھن ساٿين مان ان حد تائين متاثر ٿي جو جو پارٽيءَ جا سنھا ٿلھا ڪم، نياپا کڻي وڃڻ، فوٽو اسٽيٽ ڪرائڻ جھڙا ڪم ڏاڍي خوشي ۽ ھمت سان ڪري ايندي ھئي، بلڪل گورڪيءَ جي ڪردار پاويل جي ‘ماءُ’ وانگر.