بخشاپور ۾ موٽر سائيڪل جو انڊيڪٽر ٽٽڻ تان شروع ٿيل ڀنگوار ۽ ڀٽا تڪرار ختم ڪرڻ لاءِ ميڙ منٿ: ڌريون ھڪٻئي جا 6 ماڻھو ماري چڪيون

فہرستِ مضامین

عبداللہ ڀٽو/ بخشاپورـ: بخشاپور ۾ موٽرسائيڪل جي انڊيڪٽر ڀڃڻ تان شروع ٿيل تڪرار 6 حياتيون ڳڙڪائي چڪو، ڀنگوار ۽ ڀٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جي نبيري لاءِ امن مارچ بڊاڻي ۾ ڀٽا برادري وٽ پھچي تڪرار ختم ڪرڻ جي اپيل ڪئي آھي.

بخشاپور ۾ ڀنگوار ۽ ڀٽا برداري جي ٻن ڌرين ۾ ھلندڙ خوني تڪرار جي نبيري لاءِ ميڙ منٿ امن قافلو سيد محمد شاه جيلاني جي اڳواڻي ۾  ڀٽا برادري وٽ پهتو آھي.

ڀٽا برادري پاران قافلي کي مان ڏيندي برادري سان صلاح مشورو ڪري ڪجهہ ڏينهن اندر سٺي ورندي ڏيڻ جي خاطري ڪرائي آھي.

قبائلي تڪرارن جي خاتمي لاءِ امن قافلو سيد محمد شاه جيلاني، سيد بشير احمد شاھ جيلاني، سردار محمد صلاح خان گولو، مير شاهزين خان بجاراڻي، اصغر خان چاچڙ، سردار لياقت خان، ملڪ ڊي ايس پي سيد اصغر شاھ، مولانا شمس الدين ڀيري، عبدالعزيز سومرو، لعل خان چاچڙ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ صحافي نياز احمد ڀٽو، نظير احمد ڀٽو، امان الله ڀٽو ۽ الله بچايو ڀٽو وٽ پهتو.

 ان مو قعي تي صحافي نياز احمد ڀٽو قافلي ۾ آيل معزيزين کي چيو ته اسان ڀٽا برداري امن پسند ۽ شريف ماڻهون آهيون،  ڪجه ڏينهن جي مھلت ڏيو اسان برادري جي ماڻهن سان صلاح مشورو ڪري ڪجه ڏينهن ۾ اوهان سڀني معززين کي سٺي ورندي ڏيندا سون.

ڀنگوار ۽ ڀٽا برادري ۾ موٽر سائيڪل جو اِنڊيڪيٽر ڀڃڻ واري معمولي ڳالھہ تي 7 مهينا اڳ تڪرار شروع ٿيو، جنھن ۾ 6 ڄڻا مارجي ويا آھن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں