بخشاپور ڀرسان بارودي مواد ڦاٽڻ سبب 4 ڌنار نينگر مارجي ويا ۽ 4 زخمي ٿي پيا آھن، پوليس ۽ رينجرز علائقي کي ڪڙو چاڙھي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.
ڳوٺ امام الدين گولو ۾ زرعي زمين ۾ مال چاريندڙ ڌنارن کي لانچر جو گولو ھٿ آيو
پوليس موجب بارودي گولو ڌنارن کان ھيٺ ڪري پوڻ سبب ڦاٽي پيو، نتيجي ۾ 4 ڌنار نينگر مارجي ويا.
فوتين ۾ دين محمد، شڪافت، برڪت ۽ ٻيا شامل آھن، جڏھن تہ زخمين ۾ محبوب، طارق، بابل ۽ ٻيا شامل آھن، واقعي بعد مڙھ ۽ زخمين کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
جڏھن تہ پوليس ۽ رينجرز پھچي علائقي کي ڪڙو چاڙھي جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي.
ھوڏانھن نينگرن جا مڙھ گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ علائقي ۾ ماحول سوڳوار ٿي ويو ….