بخشاپور پوليس موجب زور ڳڙھ واري علائقي ۾ اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ ۾ ھڪ نوجوان مارجي ويو ۽ 2 زخمي ٿي پيا آھن.
پوليس موجب جوابدارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل نوجوان جي حفيظ اللھ گولو طور سڃاڻپ ٿي آھي، زخمين کي مقامي اسپتال منتقل ڪيو آھي، جڏھن تہ مقتول جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي.
علائقي ۾ چئوٻول آھن تہ گولا ۽ جکراڻي برادري وچ ۾ تڪرار تان واقعو پيش آيو آھي پر پوليس ان حوالي سان تصديق ناھي ڪئي، نہ وري ڌرين جو ڪو موقف سامھون آيو آھي.