بجلي واهپيدارن لاءِ خوشخبري، بنيادي ٽيرف ۾ اضافو نہ ڪرڻ جو فيصلو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد : بجلي واهپيدارن لاءِ وڏي خوشخبري آئي آهي، حڪومت بنيادي ٽيرف ۾ اضافو نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ايڊيشنل سيڪريٽري پاور ڊويزن نيپرا ۾ ٿيل ٻڌڻي دوران بريفنگ ڏيندي ٻڌايو تہ بجلي جي اگهن ۾ اضافي کان بچڻ لاءِ سبسڊي کي ايڊجسٽ ڪيو ويو آهي جنهن سبب هاڻي ٽيرف وڌائڻ جي ضرورت ناهي رھي.

پاور ڊويزن اختيارين موجب، جولاءِ کان هن وقت تائين توانائي مڪس ۾ نمايان تبديلي آئي آهي جنهن سان پيداواري لاڳت بهتر ٿي ۽ واهپيدارن کي رليف ڏيڻ ممڪن ٿيو.

اختيارين واضح ڪيو تہ حڪومت سمورين حالتن کي نظر ۾ رکندي ٽيرف ۾ ڦيرڦار نہ ڪرڻ جو قطعي فيصلو ڪيو آهي.

اختيارين جو چوڻ آهي تہ هن وقت سڄي ملڪ ۾ سمورين ڪيٽيگريز جي بجلي واهپيدارن کي مجموعي طور 629 ارب رپين جي سبسڊي فراهم ڪئي پئي وڃي ته جيئن عوام کي بجلي سستي ملي……

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں